سـيـد غلام مـحـمـد شاهه ’گدا‘: عروضي سنڌي شـاعـريءَ ۾ غلام محمد شاهه ’گدا‘ جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. پاڻ سنڌي، اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ اعليٰ قسم جا شعر چيائين. مفهوم ۽ مقصد جي لحاظ کان به سندس شعر جي وڏي اهميت آهي. تعجب آهي ته تذڪره نگارن ۽ ادبي مؤرخن غلام محمد شاهه گدا جي باري ۾ درست ڄاڻ نه ڏني آهي. ان حـد تائـيـن جو ’ڪليات گـدا‘ جـو مـرتب: رشيـد احمد لاشاري به ’گـدا‘ مرحوم تي لکندي ڌوڪو کائي ويو آهي. سندس والدين، ڄم ۽ وفات جي تاريخ بابت پڻ مصنفن جدا جدا رايا پيش ڪيا آهن. هن ڏس ۾ درست راءِ سيد حسام الدين راشديءَ، ’تڪملة مقالات الشعراءِ‘ جي حاشين ۾ درج ڪئي آهي. راشدي مرحوم اهڙي ڄاڻ گدا جي همعصر شاعر مرتضائي ٺٽويءَ جي بياض ۾ لکتن جي ذريعي اسان تائين پهچائي آهي.
غلام محمد شاهه ’گدا‘ جو نسبي سلسلو هن ريت آهي: سيد غلام محمد شاهه بن سيد حسن علي شاهه بن سيد بچل شاهه بن سيد ڪرم علي شاهه. گدا جو پڙ ڏاڏو سيد ڪرم علي شاهه، ان وقت خراسان مان سنڌ پهتو هو، جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙو ’خدا آباد‘ مان ملڪ سنڌ تي حڪمراني ڪري رهيو هو، جڏهن ته ٻيءَ راءِ موجب گدا جو خاندان مشهد کان قنڌار، بعد ۾ سيد ڪرم علي شاهه قنڌار کان سنڌ آيو. ان وقت هن پرڳڻي تي ڪلهوڙن جي حڪومت هئي. بعد ۾ گدا جو ڏاڏو سيد بچل شاهه حاڪمن سان گڏ ’خدا آباد‘ (هالا نوان) هليو آيو. جڏهن تخت گاهه ڦري حيدرآباد بڻيو، ان وقت سندس والد حسن علي شاهه، خداآباد کي ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي مقيم ٿيو. اُن وقت ڪلهوڙن جي جاءِ تي ٽالپر سنڌ جا حڪمران ٿي چڪا هئا، ان ڪري گدا جو خاندان به نون حـاڪـمـن کـي ويجهـو ٿـي ويو. حـسب نـسـب ۾ هي گهراڻو حـضـرت امام علي بن موسيٰ رضا جي خاندان سان ملي ٿو.
سـنـڌ جـي مـمـتاز عـالـم سـيد حـسـام الـدين راشدي صاحب جي تحقيق آهي ته، غلام محمد شاهه گدا سن 1243هه/ 1827ع ۾ ڄائو، جڏهن ته رشيد احمد لاشاري 1253هه/1837ع لکيو آهي، جيڪو سن درست نه آهي. گدا ابتدائي ۽ قرآن مجيد جي تعليم گهر ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ آخوند احمد بن عبدالعليم هالائيءَ (سانوڻيءَ) وٽ ديني تعليم پرايائين. لاشاري مرحوم جي لکت آهي ته غلام محمد شاهه فارسي تعليم شيراڻي آخوندن وٽ حاصل ڪئي، جڏهن ته ٻيا سڀ تذڪره نگار متفق آهن ته سنڌ جو هي شاعر علامه اسد الله شاهه ٽکڙ واري وٽ عـربـي عـلـمَ سـکيـو. هڪ روايـت مـوجـب گـدا ۽ اسـدالله شـاهه ٽکڙائي، عربي زبان گڏ پڙهيا هئا. گدا شاهه پنهنجي ڏاڏي سيد بچل شاهه جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي، اهڙيءَ ريت پاڻ قادري طريقي جو صوفي بنجي ويو. غلام محمد گدا سير سفر جو گهڻو شوقين هو. ٻه ڀيرا حج ڪيائين. حيدرآباد کانسواءِ سنڌ جي ٻين شهرن جي شاعرن ۽ خاص ڪري ٺٽي جي اديبن سان خاص تعلقات هئس. امام بخش فدوي، مخدوم ابراهيم خليل ۽ مرتضائي ٺٽويءَ سان ويجها تعلقات هئس. ان ڪري جڏهن ابراهيم خليل ’تڪملة مقالات الشعراءِ‘ ڪتاب لکيو، تڏهن غلام محمد شاهه گدا کي هڪ شاعر طور ان ۾ نمايان جاءِ ڏنائين. گدا پنهنجي عزيزن مان شادي ڪئي. مشهور شاعر عبدالحسين خان سانگي، غلام محمد شاهه گدا جو شاگرد هو، ان ڪري شاديءَ کانپوءِ مير صاحب جي ويجهو گهر تعمير ڪرايائين. سانگي مرحوم جون به مٿس گهڻيون مهربانيون رهيون. گدا کي ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي، ليڪن سندس زندگيءَ ۾ پُٽ ۽ پوٽا فوت ٿي ويا، ان ڪري گدا جي زندگيءَ جا آخري ڏينهن تڪليف ۾ گذريا. گدا جي دوستن ۾ يا شاگردن ۾ سانگيءَ کانسواءِ مرزا دوست محمد ’دوست‘ ۽ محمد هاشم ’مخلص‘ قابل ذڪر آهن. هونئن ميون وڏل علوي، پير علڻ سائين ڀٽائي، صاحبڏنو شاهه، مرزا قليچ بيگ، آخوند لطف الله، آخوند محمد قاسم، فضل محمد ’ماتم‘ ۽ حافظ حامد به، گدا جا دوست ۽ همعصر شاعر ٿي گذريا آهن. گـدا کي هڪ اسـتاد طور مـيـر عبدالحسين خان سانگي، وڏيءَ سڪ ۽ محبت سان ياد ڪيو آهي:
استاد سخن آهي گدا، شاعرِ يڪتا،
آءٌ اهڙي سخندان کي سخندان نه چوان ڇا؟
جڏهن ته فضل محمد ’ماتم‘ چوي ٿو:
گدا جو هي غزل لاجواب آهي مگر،
قبول خاطر ماتم اهو جواب ٿئي.
محمد هاشم ’مخلص‘ چوي ٿو:
گدا استاد منهنجو بينظير آهي،
سخن ۾، نظم ۾، طرز بيان ۾.
شاعر غلام محمد شاهه ’گدا‘ ڏکن ڏاکڙن جي وڏي زندگي ڏسي، اٺهتر سالن جي ڄمار ۾، 4 ذوالقعد 1322 هه بمطابق 11 جنوري 1905ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ آهي. هن جي شاعريءَ جو مجموعو ’ڪليات گدا‘ جي نالي سان رشيد احمد لاشاريءَ مرتب ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سندس سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪلام ڏنو ويو آهي.