سيد فتح الدين شاهه

سيد فتح الدين شاهه: سيد فتح الدين شاهه ولد ويڌل شاهه، جهانيان خاندان مان گذريل صديءَ جي اڳياڙيءِ ۾ ٿي گذريو آهي. ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي پان پروڙڻ جي خيال سان ڪوهستان جي نئين ٻارڻ طرف هڪ ويران هنڌ تي چلا نشيني ۽ رياضتون ڪيا. مجرد ۽ءٌ تنها رهڻ کي گهڻو پسند ڪندو هو، نيٺ اتان پيرين پنڌ ڪري جھوڪ شريف ۾ اچي صوفي فضل الله قلندر کان فيض حاصل ڪيائين ۽ پوءِ ٽنڊي جهانيان، حيدرآباد ۾ اچي شادي ڪري مستقل سڪونت اختيار ڪيائين.
فتح الدين شاهه 102 سالن جي ڊگھي ڄمار ۾ 26 محرم الحرام 1291هه/ 15 مارچ 1874ع تي وفات ڪئي، سندس مزار شهيدن جي قبرستان ۾ آهي، جتي هر سال 26 محرم تي ميلو لڳندو آهي.
سيد فتح الدين شاهه سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جو صاحب ديوان شاعر هو. سندس شاعري عشق ۽ محبت جي جذبن سان ڀرپور آهي. ڪلام ۾ تشبيهن ۽ استعارن جو سٺو استعمال ٿيل اٿس. سندس ڪلام تصوف جي عارفاڻن نڪتن تي مشتمل آهي، نموني طور سندس هڪ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:
وحدت جي ويڙهه ۾ وهم نه ڪو وهنوار،
حق حقيقت آهي، نقطو هي نروار!
تن کي تسا ڏئي ڪري آيا ڪشالا،
ٻريا ماهه مشعالا، ويراڳي وڻڪار،
طالب طلبي توڙ ڪئي، فائض فيض درياهه،
رهبت روشن راهه، بيرنگي بازار،
چپ چاشني ڪئي، خاموشي منجھه خيالا،
پر ڪري ڪي پيالا، لالائي لغار،
نينهن نمازي آهي، عشق ٿيو امام،
فتح هي خودي خام، اڳيون اسرار.


لفظ سيد فتح الدين شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو