سيد فتح محمد شاھہ شيرازي: ناميارو خطاط سيد فتح محمد شاھہ ولـد سـيد حاجي شاھہ، 21 اپريل 1841ع ڌاري روهـڙيءَ ۾ ڄـائـو. سـيد فتح محمد شاھہ جا وڏا اصل ۾ ٺٽي جا رهاڪو هئا. سيد علي ثاني، شيرازيءَ جي اولاد مان سيد جمال شاھہ شيرازيءَ نالي هڪ بزرگ ٻارهين صديءَ هـجــريءَ ڌاري ٺٽي مان لڏي اچي روهڙيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سـيد فـتـح محمد شاھہ جي نسب جو سلسلو سيد جمال شاھہ سان ملي ٿو. سـيـد فـتح محمد شاھہ پنھنجي دور جو هڪ بھترين خوش نويس هو. ’مجموعه رقعات‘ جي نالي سان سندس هڪ ڪتاب پڻ لکيل آهي. هي نسخو ’خط نسخ‘ ۾ قديم دور جي ٿلهي پني تي لکيل آهي.