سيد فتح محمد شاھہ لڪياري

سيد فتح محمد شاھہ لڪياري: سيد فتح محمد شاھہ حيدرآباد جي لڪياري سيدن مان هو. 1843ع ڌاري جڏهن انگريزن ميرن کان حڪومت کسڻ لاءِ سنڌ تي ڪاھہ ڪئي، تڏهن سيد فتح محمد شاھہ پنهنجن مريدن توڙي ٻين سنڌين کي انگريزن خلاف ميرن جو ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ۽ پنھنجي مريدن جو ويڙهاڪ لشڪر وٺي مياڻيءَ جي ميدان ۾ بلوچن جي فوج سان اچي مليو. ان وقت تمام گهڻن سيدن سندس سڏ تي انگريزن خلاف جنگ ۾ حصو ورتو. هن مياڻيءَ جي جنگ ۾ پنھنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا، توڙي جو انگريزن جو لشڪر گهڻو ۽ جديد هٿيارن سان هو. پوءِ بہ سنڌين ۽ بلوچن تلوارن ۽ ڀالن ذريعي دشمن کي تمام گهڻو نقصان رسايو. سيد فتح محمد شاھہ ان جنگ ۾ ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ وڙهندي شھيد ٿيو.


لفظ سيد فتح محمد شاھہ لڪياريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو