
سيد فدا حسين شاهه
سيد فدا حسين شاھہ: شوبز جي نامور شخص سيد فدا حسين ولد گل حسن شاھہ جو جنم 30 سيپٽمبر 1965ع تي مٽياريءَ ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان سندس رجحان فلمون ڏسڻ ۽ انهن بابت معلومات گڏ ڪرڻ رهيو، ان معلومات جي آڌار تي هن شوبز تي لکڻ کي پيشي (Profession) طور اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي صحافت جي ترقيءَ لاءِ سنڌي اخبارن جي اجراء جو رجحان وڌڻ سبب سنڌيءَ ۾ شوبز (ٽي. وي ۽ فلمي دنيا) تي لکڻ جو رواج پيو. ان حوالي سان فدا حسين شوبز بابت لکڻين سان عملي طور صحافتي ڪم جو آغاز ڪيو. سيد فدا حسين شاھہ سنڌيءَ ۾ شوبز تي لکندڙ اوائلي صحافيءَ جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هن پنھنجي علمي زندگيءَ جو آغاز عبرت اخبار ۽ رسالي ۾ لکڻ سان ڪيو، بعد ۾ مشھور سنڌي رسالي ’سھڻي‘ ۽ ڪجهہ عرصو ڪاوش گروپ سان واڳيل رهيو. طارق اشرف جي رسالي سهڻيءَ ۾ لکڻ دوران ڀارت جي فلم ڊائريڪٽر يش چوپڙا کيس خط لکيو، جنهن جو عڪس سھڻي رسالي ۾ ڇپيو. عبرت مئگزين ۾ سندس ڪالم ’بمبئي انڪوائري‘ کي ڏاڍي شھرت ملي، ان سان گڏ سيد فدا حسين شاھہ، اردو رسالي ’اخبارِ جھان‘ ۾ بہ ’بمبئي ڪي فلمي سرگوشيان‘ جي نالي سان ڪافي وقت لکيو. ان کان سواءِ ڪيترن اردو، انگريزي مخزنن: وومينس ورلڊ، فاصله، رابطہ ۽ جنگ ۾ فدا حسين شاھہ فيشن نقاد جي حيثيت سان سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو فيشن تي لکيو آهي. سنڌي ڀرت ۽ سنڌي فيشن کي نمايان ڪرڻ سان گڏ هن سموري دنيا جي فيشن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي. بي. بي. سي ۽ سي. اين. اين کان سواءِ انٽرنيشنل شوبز ۽ فيشن ويب سائيٽن تي پڻ لکندو رهي ٿو. کيس فلمي ۽ فيشن انسائيڪلوپيڊيا سمجهيو وڃي ٿو. ڊانس تي مهارت رکندڙ سيد فدا حسين شاھہ، شاعريءَ کانسواءِ ٽي. وي ٽاڪ شوز ۽ ريڊيو تي بہ موسيقي، فيشن ۽ شوبز جا پروگرام ڪندو رهي ٿو، جڏهن تہ سماجي تنظيمن ۾ انساني حقن تي ليڪچر بہ ڏئي ٿو.
1965.09.30 عيسوي
شوبز جي نامور شخص سيد فدا حسين ولد گل حسن شاهه جو جنم 30 سيپٽمبر 1965ع تي مٽياريءَ ۾ ٿيو.