سيد فضل شاھہ فضل

سيد فضل شاھہ ’فضل‘: سيد فضل علي شاھہ، 24 ربيع الاول 1284ھہ/ 1867ع ۾ مدئجي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس شجره نسب امام موسيٰ ڪاظم سان ملي ٿو. سيد فضل علي شاھہ ڪافيءَ جو بھترين شاعر هو. شاعريءَ ۾ ’فضل‘ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس وڏو ڀاءُ سيد شاهنواز شاھہ پڻ ڪافيءَ جو شاعر هو. سيد فضل علي شاھہ، سچل جي درگاھہ سان وابستہ ٿيو ۽ سخي قبول محمد اول جو طالب بڻيو ۽ تنهن کانپوءِ باقاعدي شاعري ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ سه حرفيون، ڪافيون، منقبتون ججهي تعداد ۾ لکيائين، جيڪي مختلف صوفي سنگن ۾ ڳايون وڃن ٿيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪو ڪافين جو ڪتاب مرتب ڪيو هو، ان ۾ پڻ سندس ڪافيون شامل آهن. هن حضرت سچل سرمست جي فارسي شاعريءَ جو قلمي نسخو ’عشق آشڪارا‘ ۽ سيد ثابت علي شاھہ جي شاعريءَ جو پڻ قلمي نسخو تيار ڪيو هو، جيڪو سندس پونيرن وٽ محفوظ آهي. سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪافيون لکيائين.
سيد فضل شاھہ روحاني پيشوا بہ هو. سندس مريدن جو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪافي تعداد هو. سندس ڪچهريءَ ۾ اڪثر اهل علم ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا، بيرنگ فقير ۽ محمد فقير کٽياڻ سان سندس ويجهڙائي رهي، جن جا خط پڻ سندس پونئيرن وٽ محفوظ آهن. هن 102 سالن جي عمر ۾ 8 شعبان 1386ھہ/ 1964ع ۾وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو