سيد قائم علي شاھہ موسوي

سيد قائم علي شاھہ موسوي: سيد قائم علي شاھہ ولد سيد باقر علي شاھہ، 6 جون 1907ع تي، سکر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سکر مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ مدرسة الاسلام، ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان 1925ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ بمبئيءَ مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن آبپاشي کاتي ۾ ملازمت ڪئي، جتي ڪئنال اسسٽنٽ ٿي رهيو. ان کانپوءِ آڊيٽر ٿي رهيو، جتي سڄي سنڌ ۾، جيلن، روينيو کاتي، اريگيشن ۽ پبلڪ ورڪـس ڊپارٽميـنٽ جـي آڊٽ ڪـندو هو. انهـيءَ وچ ۾ شاھہ صـاحـب ايس. اي. ايس جو امتحان پاس ڪيو، جنهن بعد پهرين پاڪستان جي فضائي ڪمپني ڪريسينٽ ايئرلائينز ۾ اڪائونٽنٽ مقرر ٿيو، بعد ۾ پاڪستان انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن (P.I.D.C) ۾ اڪائونٽنٽ ۽ آڊيٽر مقرر ٿيو. هي ’انجمن اماميہ‘ حيدرآباد، سنڌ جو آڊيٽر بہ رهي چڪو آهي. قائم علي شاھہ موسوي'>سيد قائم علي شاھہ موسوي ڪافي عرصو لاهور ۾ بائيبل هائوس جي مرڪزي دفتر ۾ ملازمت ڪئي، جتي بائيبل جو مختلف زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويندو هو. شاھہ صاحب جيئن تہ سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردو زبانن جو ڄاڻو هو ۽ خاص طرح انگريزي زبان تي کيس وڏو عبور حاصل هو. انهي ڪري کيس بائيبل هائوس جو انچارج ڪري رکيو ويو. مذڪوره اداري، انگريزي، اردو ۽ سنڌي زبانن ۾ لکيل بائيبل جي مسودن کي سندس نظرثانيءَ کانپوءِ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
سيد قائم علي شاھہ موسوي، آخر ۾، 1952ع ۾ آمريڪا جي سفارتخاني جي يو. ايس. ايڊ آفيس، ڪراچيءَ ۾ چيف آڊيٽر ٿي رهيو. شاھہ صاحب ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(1) ’السيف المسلول عليٰ الناصب الجهول‘
(2) ’بحث عصمت في شان امامت و خلافت
(3) ’بڪاءُ ابن عباس في واقعة القرطاس‘
(4) ’ردِ لغويات در باره مناظره وزير آباد
(5) ’يادگار حسين‘
(6) ’مولود ڪعبه‘
(7) ’فتـوحــات شيـعـه‘
(8) ’دعـوت حــق‘
(9) ’فضائل امير المومنين علي عه
(10) ’حضرت سلمان فارسي رضہ
(11) ’حضرت ابوذر غفاري رضہ‘.
سيد قائم علي شاھہ مٿين ڪتابن کانسواءِ ڪيترا مذهبي ۽ معلوماتي مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا، جيڪي ان وقت جي اخبارن ۽ رسالن، جھڙوڪ: پنجتني، الحيدر ۽ دُر مقصود ۾ شايع ٿيل آهن.
سيد قائم علي شاھہ موسوي، 7 فبروري 1965ع تي وفات ڪئي. هن کي چار فرزند، ڊاڪٽر فائز حسين شاھہ، انجنيئر سيد طاهر حسين موسوي، انجنيئر سيد غلام عباس ۽ ڊاڪٽر فدا حسين شاھہ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد هو.


لفظ سيد قائم علي شاھہ موسويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.06.06  عيسوي

سيد قائم علي شاهه ولد سيد باقر علي شاهه، 6 جون 1907ع تي، سکر ۾ ڄائو.


1965.02.07  عيسوي

سيد قائم علي شاهه موسوي، 7 فبروري 1965ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيرٿ سڀاڻي
ڀاڳيا سنتوش گاگو مل
ثريا سوز ڏيپلائي
ابو حڪم شيباني
لالا موهن داس سيوستاني
رتي ٻائي
ابڙو اڙٻنگ
انور پيرزادو
بينا مسرور
فقير رسول بخش انڙ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون