سيد قادر ڏنو شاھہ

سيد قادر ڏنو شاھہ: مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ ميان اسـحـاق سڪريه جي مريدن مان هو. سندس شـانـدار ڪرامـتـون ڏسـي ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو سندس مقتعد ٿيو. سيد قادر ڏني شاھہ جي قبر پراڻي درياھہ جي ڍوري جي ڀرسان نئين گونيءَ کان اڀرندي پاسي ڳوٺ حاجي چاڪر مهيريءَ لڳ آهي، جنهن تي هر سال چانيري، شادي لارج ۽ ڪلوئي شھر جا عمراڻي ميلو لڳائيندا آهن. نئين گونيءَ کان الهندي پاسي ديھہ دبيءَ ۾ بزرگ جي رهڻ جو آستانو هو، جنهن کي ’پنجهور‘ چوندا آهن. سيد قادر ڏني شاھہ جي خليفن مان هڪ هوت فقير عمراڻي هو، جنهن جي قبر ڳوٺ چانيري تعلقي بدين ۾ آهي، جنهن تي شوال مهيني جي 26 ۽ 27 تاريخ تي وڏو ميلو لڳندو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، قادرڏني شاھہ متعلق لکي ٿو ته، ڪڙيي گهنور ڀرسان آڳڙي جو ويٺل اهل دل درويش هو، عمراڻي بلوچ سندس مريد هئا ۽ سندس سهاري سنڌ ۾ آيا. سندس هيٺيون بيت معنى وارو آهي:
سج سهائو نہ ڪري، واءُ نہ وڃي جت،
قريبن ڪارڻ تت، اسان جهر ڀڃي جهرڪيون ڪيون.


لفظ سيد قادر ڏنو شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو