سيد قطب شاھہ جيلانيءَ جو ميلو: سيد قطب شاھہ جيلانيرحه جو ميلو هر سال 2، 3 ۽ 4 صفر تي هوسڙي شھر ضلعي حيدرآباد ۾ وڏي ڌام ڌوم سان لڳايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ پوڙهن، نوجوانن ۽ ٻارن لاءِ تفريح ۽ دلچسپيءَ لاءِ وڏي تعداد ۾ مٺايون، کائڻ پيئڻ جون شيون، رانديڪا، عورتن جي سينگار جا دڪان ۽ کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ لاءِ هـوٽـل ۽ سرڪس لڳايا ويندا آهن. هن ميلي ۾ ٻارن جي تفريح لاءِ جهولا ۽ زرعي نمائش پڻ لڳائي ويندي آهي. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ڪيترائي ملھہ پهلوان ملاکڙي ۾ اچي شرڪت ڪندا آهن. ان کانسواءِ رات راڳ رنگ جي محفل بہ ٿيندي آهي، جنهن ۾ مشھور راڳي راڳ ڳائيندا آهن. ان کانسواءِ ڀلن ڍڳن ۽ گهوڙن جا انعامي مقابلا ۽ چوپائي مال جو واپار بہ ٿيندو آهي. هي ميلو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو آهي، جنهن ۾ ڏورانهن هنڌن ۽ آسپاس کان ماڻهو هن ميلي ۾ ايندا آهن.