سيد لال شاھہ

سيد لال شاھہ: خيرپورناٿن شاھہ جو سياسي سماجي اڳواڻ سيد لال شاھہ ولد حاجي جمن شاھہ، 30 مئي 1975ع تي سيدن جي ٿلهي (ڳوٺ) بهادرپور، تعلقي خيرپورناٿن شاھہ ۾ ڄائو. تعليمي قابليت ايم. اي (اڪنامڪس) ۽ ايل. ايل. بي اٿس. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 2008ع ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج دادوءَ جي آفيس ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني طور ڪئي، ٻن سالن کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ هن وقت تعلقي بار ايسوسيئيشن خيرپورناٿن شاھہ جو صدر آهي. سيد لال شاھہ سياسي سرگرمين جي شروعات سال 1996ع ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي پليٽفارم تان ڪئي. هو 1998ع کان 2000ع تائين سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي دادوءَ جو صدر رهيو. 2000ع کان 2001ع تائين ساڳيءَ تنظيم جو مرڪزي نائب صدر رهيو. سال 2002ع کان 2005ع تائين عوامي تحريڪ ضلعي دادوءَ جو صدر پڻ رهيو. 2003ع ۾ ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف ڀٽ شاھہ کان ڪراچيءَ تائين ٿيل لانگ مارچ ۾ شريڪ رهيو، جنهنڪري ايم. پي. او هيٺ ڪجهہ ڏينهن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ رکيو ويو. ٻيو ڀيرو ساڳئي سلسلي ۾ گورنر هائوس جي آڏو ڌرڻو هڻندي گرفتار ٿيو، ٻہ ڏينهن آرٽلري صدر ٿاڻي ۾ رکيو ويو.
سيد لال شاھہ، سماجي ڪمن ۾ بہ اڳڀرو رهيو آهي. هن 1998ع ۾ ’يقين شاھہ رورل سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن‘ جو بنياد رکيو ۽ ان پليٽفارم تان پرائمري اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر کوليائين. 2010ع ۾ ’عوامي جمهوري پارٽيءَ‘ جو بنياد پيو تہ ان جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ ضلعي دادو جو صدر منتخب ٿيو. 2010ع ۾ آيل مهاٻوڏ دوران ڪوٽڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپن ۾ گهڻو فلاحي ڪم ڪيائين. هن پنهنجن هم خيال دوستن: نور نبي راهوجي، سڄڻ کوسي، وقار ناٿن شاهي، واجد علي قاضي، رسول بخش بروهي ۽ ٻين سان گڏجي 2000ع ۾ خيرپور ناٿن شاھہ ۾ ادبي فورم قائم ڪري اديبن ۽ شاعرن سان رهاڻيون ملهايون ۽ ادبي ميڙاڪا ڪرايا آهن. سنڌي ادبي سنگت خيرپور ناٿن شاھہ جو ميمبر آهي.


لفظ سيد لال شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.05.30  عيسوي

سياسي سماجي اڳواڻ سيد لال شاهه ولد حاجي جمن شاهه، 30 مئي 1975ع تي سيدن جي ٿلهي (ڳوٺ) بهادرپور، تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رمضان ساريو
پريمي موهن لعل
ڀيمجي جاڙيجو ۽ غلام شاھہ سان جنگ
سيد علي بکري
پرهياڙ مير محمد
استاد رسول بخش ڪلهوڙو
گاجي شاھ1
زرياب
ڀرڳڙي ڊاڪٽر محمد بخش
الھہ بخش ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون