سيد لطف علي شڪر الاهي ٺٽوي : سيد حاجي لطف علي شڪر الاهي ٺٽوي مير علي شير قانع جي خاندان مان فارسي عربي زبانن جو فاضل ۽ هڪ اهل قلم بزرگ ٿي گذريو آهي. سنڌ ۾ انگريزي سلطنت جي شروعات ۾ جن عالمن کان انگريزن پنھنجي حڪومت مضبوط بنائڻ ۾ ڪم ورتو، تن ۾ هي صاحب بہ شامل هو. ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ميجر هينري پريڊيءَ سان تمام گهاٽا لاڳاپا هئس. انهيءَ زماني ۾ پگهار تمام گهٽ هوندا هئا پر سيد صاحب جو ان وقت بہ پگهار ٻہ سؤ پنج رپيا مقرر هو. 1856ع ۾ ميجر پريڊي جي سفارش سان سيد صاحب جي اسلامي ملڪن جي سياحت لاءِ 12 مهينا موڪل سنڌ جي ڪمشنر مسٽر فريئر منظور ڪئي ۽ ان سان گڏ عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانن ۾ کيس سفارش نامو يا پاسپورٽ بہ ڪمشنر جي دستخط سان ڏنا ويا تہ جيئن عراق ۽ عرب جي سياحت واري زماني ۾ کيس ڪابہ تڪليف نہ رسي. سيد لطف علي ڪراچيءَ مان روانو ٿي خليج فارس جي بندرگاهن تان ٿيندو بصري، بغداد، نجف ۽ ڪربلا مان ٿيندو يمن جي بندرگاهن جي سياحت ڪندو اچي حجاز مقدس ۾ پهتو. ان کان پوءِ جڏهن ڪراچيءَ ۾ وارد ٿيو، تڏهن انهيءَ سفر ۽ سياحت جي روزنامچي کي مسٽر فريئر جي حڪم موجب فارسي زبان ۾ ”تحفة الباصرين“ جي نالي سان جمع ڪيو ويو، جو سرڪاري خرچ سان ڇاپجي پڌرو ٿيو.
ڪتاب جي تصنيف جو سال 1273ھہ/1856ع آهي. سيد صاحب جي وفات جو سال معلوم نہ ٿي سگهيو آهي.