سيد لعل محمد شاھہ للاڻي

سيد لعل محمد شاھہ للاڻي: محمد سومار شيخ، ڪتاب ‘لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا’ ۾ تحفة الڪرام جو حوالو ڏئي لکيو آهي ته، “سيد لال محمد شاھہ للاڻي پنھنجي وقت ۾ تعاليٰ جي فيض سان فيضياب ٿيل هو. جڏهن شاھہ ڪريم ڄائو تہ هن روحاني اک سان شاھہ ڪريم جي فيض کي پرکي ورتو ۽ کيس سيد جلال شاھہ جي حوالي ڪيائين. جلد ئي پاڻ وفات ڪري ويو. سندس قبر شھاب الدين ملتاني جي قبرستان ۾ سندس دوست ڏني درس جي ڀر ۾ آهي، جيڪو مشھور بزرگ جرڪس ديناڻيءَ جو والد آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي هن بزرگ تان ڀيرا ڪندو رهندو هو. ان سلسلي ۾ شاھہ لطيف جو هڪ بيت بہ آهي:
وانئن للاڻي لوءِ، جت ولايت وٽ ٿئي،
معرفت مڪان ۾، وڻ ٽڻ وائي جوءِ،
ساٿي جو سڀ ڪنهن، ٻانڌ پنيو ئي پوءِ،
سيد پير سندوءِ، پسي حال هٿ کڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو