سيد محبوب علي شاھہ2: ناميارو مصور سيد محبوب علي شاھہ سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. هيءُ هر قسم جي تصويرڪشي ۽ منظرنگاري ڪرڻ ۾ مهارت رکندو هو. هن جون ڪيتريون تصويرون اعلى عملدارن جي گهرن جي سونهن بڻيل آهن. 27 جون 1968ع تي جنرل ايوب خان جي جشن ڏھہ سالا ترقيءَ جي سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ منعقد ٿيل آل پاڪستان پينٽنگس ۽ فوٽوگرافي نمائش ۾ کيس سندس تيار ڪيل سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ پينٽنگ کي پهريون نمبر مليو. سيد محبوب علي شاھہ جي مصورانه صلاحيتن کي هڪ آمريڪي عملدار جان ايس برمس خط لکي ساراهيو هو. شاھہ صاحب مصور هئڻ سان گڏ هڪ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن بہ هو. ٽائون ڪاميٽي سجاول جو ڪائونسلر ۽ چيئرمئن بہ رهيو. شھري مسئلن جي حل لاءِ وقت بہ وقت قائم ٿيندڙ ڪميشن جو يا تہ باني توڙي ميمبر پڻ رهيو.
سيد محبوب علي شاھہ، 09 آگسٽ 2000ع تي وفات ڪئي.