سيد محسن علي شاھہ بخاري: مشھور تعليمدان ۽ اديب سيد محسن علي شاھہ ولد سيد محمد شاھہ بخاريءَ جو جنم، 21 جنوري 1938ع تي، تنيا بقا شاھہ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان پڙهي، وڌيڪ مئٽرڪ تائين تعليم هاءِ اسڪول ڪنڊياري مان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ گورنمينٽ ممتاز ڪاليج خيرپور مان بي. اي پاس ڪيائين. ايم. اي سنڌي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري، نيو عليڳڙھہ ڪاليج ٽنڊي آدم ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي هُو سنڌي علم ادب جي ترقيءَ لاءِ نهايت جانفشانيءَ، همت ۽ جذبي سان ڪم ڪندو رهيو. ڪاليج ۾ ادبي محفلون مچائڻ لاءِ بزم لطيف جو بنياد وڌائين ۽ اُن بزم پاران شاھہ لطيف جون ورسيون ۽ ٻيا جلسا، سندس نگرانيءَ ۾ ٿيندا رهيا، جن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پير حسام الدين راشدي، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، استاد بخاري ۽ ٻيا اديب ۽ محقق ايندا هئا. ان کانسواءِ بزم لطيف پاران سنڌي زبان ۾ ’ٽنڊو آدم‘ نالي سان ڪاليج مئگزين شايع ٿيندي رهي.
سيد محسن علي شاھہ، مئي 1998ع ۾ نيو عليڳڙھہ ڪاليج ٽنڊي آدم مان بدلي ٿي سچل سرمست ڪاليج راڻيپور ۾ پرنسپال مقرر ٿيو، جتي مختصر عرصو رهائش دوران سندس ڪوششن سان مختلف علمي ادبي فنڪشن منعقد ڪيا. سندس ڪوششن سان ڪاليج خوبصورت نئين عمارت ۾ منتقل ٿيو. جيئن تہ شاھہ صاحب بنيادي طرح علم ادب جو عاشق آهي، ان ڪري پرنسپاليءَ واري عهدي کان آجو ٿي، گورنمينٽ ڪاليج ڪنڊياري ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ٽنڊي آدم ڪاليج ۾ پرنسپال مقرر ٿي آيو ۽ اُتان سال 1999ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. شاھہ صاحب هيٺيان ڪتاب تصنيف ڪيا آهن:
(1) خيرپور ۾ خير جا ڏينهن‘ (1992ع): هي ڪتاب سندس خيرپور ۾ شاگرديءَ واري زماني جي دوستن، ساٿين، اديبن ۽ شاعرن جي احوال تي مشتمل آهي ۽ پنھنجي دور جي حقيقي ۽ سچي تاريخ آهي.
(2) خود نوشته سوانح سيد محسن شاھہ بخاري، (3) سردار لھج سار (سيد عبدالله شاھہ جو احوال ۽ سفرنامو)، (4) نماز بابت بنيادي ڄاڻ (2010ع)، ۽ (5) سنڌي نصاب گائيڊ (ٻارهين ڪلاس لاءِ).
پروفيسر محسن شاھہ بخاريءَ جي تحرير ۾ رواني، شگفتگي، حقيقت نگاري ۽ دلپذيري آهي. شاھہ صاحب نهايت قربدار، سچار، مهمان نواز، ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ مهمان نواز شخص آهي.
ٽنڊي آدم ۾ عبدالله ورياھہ ۽ سندس ادبي جوڙي مشھور هئي. ڊاڪٽر نواز علي شوق سان بہ سندس ناتا پراڻا آهن. هي ٽيئي دوست ڪيترن ادبي ۽ تحقيقي ڪمن ۽ پروگرامن ۾ هڪٻئي جا سهڪاري رهيا آهن.
1938.01.21 عيسوي
مشهور تعليمدان ۽ اديب سيد محسن علي شاهه ولد سيد محمد شاهه بخاريءَ جو جنم، 21 جنوري 1938ع تي، تنيا بقا شاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.