سيد محمد اختر حڪيم

سيد محمد اختر، حڪيم: حڪيم سيد محمد اختر اصل هندستان جو رهاڪو هو، جتان ويهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ پير محمد صالح شاھہ راڻيپور واري وٽ اچي رهيو. ٿوري وقت کانپوءِ لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سيد محمد اختر، طب سان گڏ علم جعفر ۽ نجوم ۾ بہ ماهر هو. سندس، خانبهادر بخش سومري جي والد حاجي محمد عمر سومري ۽ پير تراب علي شاھہ سان دوستاڻا تعلقات هئا. سيد محمد اختر جي طبابت جا ڪيترائي ڪارناما اڄ بہ مشهـور آهن. ڪيـترائي لاعلاج مريض سندس علاج سبب شفاياب ٿيا.
سيد محمد اختر جا طبي نسخا حاجي مولا بخش سومري ۽ محمد صادق راڻيپور واري جي پوين وٽ محفوظ هئا. سندس شاگردن ۾ مولانا محمد صادق راڻيپوري قابل ذڪر آهي.
هن حڪيم جو ذڪر نامور محقق پير حسام الدين راشدي بہ ڪيو آهي، ان کانسواءِ نامور شاعر نياز همايونيءَ پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي طبي تاريخ‘ ۾ بہ سندس ذڪر ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو