سيد محمد شاھہ

سيد محمد شاھہ: الحاج سيد محمد شاھہ ولد سيد مير اول شاھہ جو جنم 22 شوال 1308ھہ بمطابق 8 جون 1891ع تي ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو. هيءَ ’باقيل پوٽا‘ ساداتن مان هو ۽ پنھنجي وقت جو وڏو عالم هو. هن فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم قاضي لعل محمد کان حاصل ڪئي. جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”هنن جي پاڙي جو اصل ڄاموٽ ڇتن شاھہ هو، جيڪو لاولد ٿي وفات ڪري ويو. ان کانپوءِ ڄاموٽيءَ جي پڳ خالي رهي، جيڪا جملي ڀائرن گڏجي حاجي الھہ اوڀائي کي ٻڌائي، جنهن 1345ھہ/ 1926ع ۾ وفات ڪئي تہ ڀائرن گڏجي حاجي محمد شاھہ کي ڄاموٽ ڪيو.“ هن جي هٿ تي ڪيترا ماڻهو مسلمان ٿيا. هن انگريزن کان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ان دوران جواهرلال نهروءَ جي ميزباني ڪرڻ تي کيس 90 ڏينهن لاءِ نظربند ڪيو ويو. ’انجمن سادات مٽياريءَ‘ جو بنياد پوڻ بعد 1924ع ۾ سن شھر ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ کيس تنظيم جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ’خلافت تحريڪ‘ ۾ بہ سيد حاجي محمد شاھہ ڀرپور حصو ورتو. جڏهن خلافت تحريڪ پاران ترڪ موالات جو اعلان ڪيو ويو تہ انگريزن ان کي ختم ڪرڻ لاءِ امن سڀائون قائم ڪيون، جنهن تي نامور عالمن امن سڀائن خلاف ’علماءِ سو‘ نالي سان فتوائن جو مجموعو جاري ڪيو، ان ۾ سيد محمد شاھہ بہ امن ڪميشن جي برخلاف فتويٰ ڏني. ان کانسواءِ سيد محمد شاھہ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي قائم ڪيل تنظيم ’آزاد سنڌ ڪانفرنس‘ ضلعي مٽياريءَ جو نائب صدر بہ رهيو. سيد حاجي محمد شاھہ پنھنجي زندگيءَ ۾ پندرهـن حـج ادا ڪيا. ان کانسواءِ شاھہ صاحب ان دور جي سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو.


لفظ سيد محمد شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1891.06.08  عيسوي

الحاج سيد محمد شاهه ولد سيد مير اول شاهه جو جنم 22 شوال 1308هه بمطابق 8 جون 1891ع تي ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج محمود امروٽي
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
امام مسعود سنڌي
احتشام الحق ٿانوي مولانا
ابن تيميه
سفيان ثوري
عبدالرحمان ميمڻ مولانا
ڏيرو مولانا احمد علي مشتاق
عبدالڪريم لغاري مولانا
زخائو ايڊورڊ
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون