
مولانا سيد محمد شاهه امروٽي
سيد محمد شاھہ امروٽي، مولانا: مولانا سيد محمد شاھہ ولد مولانا سيد نظام الدين شاھہ امروٽي، 9 ذوالحج 1337ھہ/ 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ديواني لڳ پريالوءِ، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو. مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي وفات کانپوءِ سيد محمد شاھہ پنھنجي والد سان گڏ امروٽ شريف آيو، جتي قرآن مجيد جي تعليم پنھنجي مامي مولانا ﷲ بخش بروهيءَ کان حاصل ڪيائين ۽ ڇھن درجن تائين نصابي تعليم بہ امروٽ شريف مان ورتائين. ان بعد فارسيءَ جي تعليم دليل پور، تعلقي ٺل ۾ مولانا عبدالوهاب کوسي کان حاصل ڪيائين ۽ ٽن مهينن تائين مدرسي دارالهدى ٺيڙهيءَ ۾ مولانا حبيب الله، مولانا عبدالهادي ۽ مولانا قاري عزيزالله وٽ پڙهيو. ان کانپوءِ تعلقي قنبر جي ڳوٺ بٺي جي مشھور منطقي عالم مولانا شاھہ محمد ۽ لاڙڪاڻي ۾ مولانا محمد صاحب وٽ پڙهيو. درگاھہ امروٽ شريف جي مدرسي ۾ ڪجهه وقت مولانا عبدالله چانڊيي وٽ پڻ پڙهيو. آخر ۾ مدرسہ تاج المدارس امروٽ ۾ تعليم مڪمل ڪري دستارِ فضيلت ٻَڌائين. تعليم مان فارغ ٿيڻ بعد امروٽ شريف ۾ درس تدريس ۽ ديني ڪتابن جي مطالعي ۾ مصروف رهيو، والد جي وفات کان پوءِ کيس درگاھہ ’عاليه قادريه راشديه امروٽ‘ جو سجادہ نشين بڻايو ويو. سيد محمد شاھہ عالم ۽ فاضل هئڻ سان گڏ بھترين مقرر، سٺو ليکڪ، شاعر، حڪيم ۽ سياستدان بہ هو. هن مولانا احمد علي لاهوري، مولانا احتشام الحق ٿانوي، مولانا غلام غوث هزاروي ۽ مولانا مفتي محمود جهڙن جيد عالمن ۽ اڳواڻن سان گڏجي ڪم ڪيو. جميعت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جو امير رهيو، تنظيم جو صدر بہ چونڊيو. سنڌ هاري ڪميٽي، تحريڪ ختم نبوت، تحريڪ بحالي جمهوريت (MRD) ۽ پاڪستان قومي اتحاد وغيرہ تحريڪن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو.
مولانا سيد محمد شاھہ امروٽيءَ جا ٻہ ڪتاب ’رساله جهاد‘ ۽ ’ملن جو مرشد‘ مشھور آهن، جيڪي ’دارالاشاعت امروٽ شريف‘ طرفان 53-1952ع ۾ شايع ٿيا هئا. سيد محمد شاھہ امروٽيءَ کي زندگيءَ جي آخري سالن ۾ ذيابيطس ۽ دل جي تڪليف ٿي. هن 13 نومبر 1987ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ امروٽ شريف جي قبرستان ۾ آهي.
1929.05.09 عيسوي
مولانا سيد محمد شاهه ولد مولانا سيد نظام الدين شاهه امروٽي، 9 ذوالحج 1337هه/ 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ديواني لڳ پريالوءِ، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو.