سيد محمد شاھہ سعيد ٽکڙائي

سيد محمد شاھہ سعيد ٽکڙائي : سيد محمد عالم شاھہ ”عالم“ جو ڀائٽيو ۽ سيد ويڌل شاھہ جو فرزند محمد سعيد شاھہ ”سعيد“ 1 سيپٽمبر 1918ع ۾ موجودہ ٽکڙ ۾ تولد ٿيو. فائنل سنڌي اسڪول ٽکڙ مان پاس ڪري جلد ئي ماستر ٿيو جتي پنھنجي قوم جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ سان گڏ و گڏ ترقي ۽ ڪمال حاصل ڪرڻ جي تلقين بہ ڏيندو رهندو هو. ڪلاس ۾ پاڻ روزانو ڪنهن نہ ڪنهن مسلم مجاهد جو تذڪرو ڪندو هو. مصطفيٰ ڪمال پاشا سان سندس خاص عقيدت هئي. جڏهن ڪمال پاشا وفات ڪئي، تڏهن سعيد صاحب سندس غم ۾ ٻارن جيان زار زار روئڻ لڳو. سعيد صاحب آزاديءَ جي هر ڪنهن تحريڪ ۾ نمايان بھرو وٺندو هو. جڏهن خاڪسار تحريڪ جو سنڌ ۾ زور هو، تڏهن هن شخص ٽکڙ ۾ خاڪساريءَ جو پرچار ڪيو. سندس ولوله انگيز تقريرون ڳوٺ جي هر مسلمان جي دل ۾ جذبه آزادي بيدار ڪيو ۽ خاڪسارن جي هڪ بٽئلين تيار ٿي پئي، جنهن جو سالار اعليٰ پاڻ هو. وري جڏهن مسلم ليگ ساڳيو مقصد کڻي اٿي تڏهن بہ سعيد صاحب ان ۾ اهو ساڳيو حصو ورتو، جيڪو خاڪسار تحريڪ ۾ ورتو هئائين. ڳوٺ ۾ عيدن جي موقعن تي جلسا ڪرڻ، جلوس ڪڍڻ، تعمير ڪيل مسجدن کي سينگارڻ ۽ ضعيف مسجدن کي از سر نو تعمير ڪرڻ سندس خاص شغل هوندو هو. شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان هوس. انهيءَ اشتياق کي علمي جامي پهرائڻ لاءِ استاد الشعراء بسمل مرحوم جو شاگرد ٿيو، جنهن وٽان جهجهو فيض پرايائين. سندس غزلن ۽ ڪافين کي سندس هڪ شاگرد، دوسو مڱڻهار، چڱي شھرت ڏني آهي. دوسو پيشہ ور ڳائڻو آهي. جتي محفل ڄميس اتي سعيد جو ڪلام ضرور ڳائيندو. شاھہ صاحب خود بہ هڪ سريلو ڳائڻو آهي. سندس ڪلام ۾ چڱو سوز ۽ اثر آهي. ڪجهہ وقت کان هر شوق کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. ڪري تہ وري نئين جذبي سان اٿي ۽ علم و ادب جي خدمت ڪري.


هن صفحي کي شيئر ڪريو