سيد محمد شاھہ سنائي

سيد محمد شاھہ سنائي: سيد محمد شاھہ، مشھور سياسي اڳواڻ سائين جي. ايم سيد جو والد هو. سيد محمد شاھہ جي عدل انصاف، سڀاءُ ۽ وڏن توڙي ننڍن سان پيار جي هاڪ پري پري تائين پکڙيل هئي ۽ هر ڪو ماڻهو سندس عزت ڪندو هو. سيد محمد شاھہ ارڏو زميندار هو، انگريزن جا حڪم نہ مڃيندو هو. اُن ڪري هنن سندس سرگرمين تي نظر رکڻ لاءِ سن شھر ۾ پوليس مقرر ڪئي، جنهن کي ’چٽي پوليس‘ سڏيو ويندو هو، ڇو تہ انهن کي ماني محمد شاھہ کارائيندو هو ۽ سندن رهائش جو بندوبست بہ هو ڪندو هو. سندس مريد توڙي ڪوهستان جا ماڻهو پنهنجن فيصلن لاءِ وٽس ايندا هئا ۽ اها نيڪ نامي سندس سؤٽ ستابي شاھہ کان برداشت نہ ٿي ۽ پنهنجن حامين، چانڊين ۽ ٻين ذريعي سيد محمد شاھہ کي جامع مسجد مان تھجد پڙهي موٽندي، 03 رمضان 1323ھہ/ پهرين نومبر 1905ع تي شھيد ڪرايو. ان کانپوءِ سيد محمد شاھہ جي مريدن، معرفاڻي سيدن ۽ ڪوهستان کان آيل عقيدتمدند سيد ستابي شاھہ کان پلاند وٺڻ لاءِ هٿياربند ٿي مٿس ڪاھہ ڪئي. شاھہ صاحب، پنهنجو پٽ هنج ۾ ڪري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪو. پلاندين سڄي ڪوٺيءَ کي ڪانن جي دن ڦيرائي، باھہ ڏيڻ کان اڳ شاھہ صاحب کي چيو تہ ننڍڙي ٻار کي ٻاهر ڪڍي. ان تي ستابي شاھہ پٽ شھاب الدين شاھہ کي ٻاهر ڪڍي ڏنو ۽ هنن ڪوٺيءَ کي ڦيرايل ڪانن کي باھہ ڏني ۽ ستابو شاھہ اندر سڙي خاڪ ٿي ويو.


لفظ سيد محمد شاھہ سنائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو