سيد محمد شاھہ مست

سيد محمد شاھہ مست: نامور صوفي بزرگ ۽ عالم سيد محمد شاھہ مست جو تعلق ضلعي قنبر شھدادڪوٽ نصيرآباد جي ڳوٺ واسو ڪلهوڙي سان هو. سندس وڏا ايران جي شھر بخارا مان بلوچستان جي رستي سنڌ ۾ آيا ۽ نصير آباد لڳ ڳوٺ واسو ڪلهوڙي ۾ رهائش پذير ٿيا. هن بزرگ جي والد جو نالو سيد اسماعيل شاھہ هو. قادري سلسلي جي روحاني پيشوا سيد محمد شاھہ مست جي درگاھہ نصيرآباد کان اتر طرف 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. هن صوفي بزرگ جي درگاھہ تي مسلمانن کان سواءِ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مريد سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان اچن ٿا، جن ۾ عرب امارات ۽ سعودي عرب شامل آهن. روايت موجب هڪ دفعي ڪو ضرورتمند ماڻهو وٽس آيو ۽ چيائين تہ آءٌ نياڻيءَ جو نڪاح ڪرايان ٿو، مون وٽ ڏاج جا پئسا ڪونه آهن، ان سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪريو. تڏهن فقير کيس چيو تہ ٻہ ڏينهن ترسي پوءِ پئسا کڻي وڃجانءِ. اهو ماڻهو ٻہ ڏينهن ترسيو، پر هن وٽ پئسا ڪونه ٿيا، تڏهن هن ضرورتمند کي چيو تہ مون کي وٺي هلي ڪنهن وٽ وڪرو ڪري ضرورت جا پئسا حاصل ڪر، پوءِ ان ماڻهوءَ هن بزرگ کي 300 روپين ۾ ڳوٺ صادق جي رهواسين وٽ وڪرو ڪيو، جيڪي ٻن ڏينهن کانپوءِ کيس واپس ڇڏي ويا. درگاھہ ’ مست تي هڪ کوھہ آهي، جنهن بابت عام ويساھہ آهي تہ بيمار ماڻهو ان کوھہ جو پاڻي پيئڻ سان شفاياب ٿئي ٿو (والله علم!). سيد محمد شاھہ مست پنھنجي ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو بہ قائم ڪيو، جيڪو اڄ بہ موجود آهي، جتان ڪيترائي عالم ۽ حافظ ٿيا، هن بزرگ جو ڏهاڙو هر سال 2 محرم تي سادگيءَ سان ملهايو ويندو آهي.


لفظ سيد محمد شاھہ مستھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو