سيد محمد عابد شاھہ جيلاني ’ثاني‘: عالم ۽ بزرگ سيد محمد عابد ’ثاني‘ گهوٽڪيءَ جي بزرگ پير موسيٰ شاھہ جيلانيءَ جو فرزند هو. هن 1741ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. هن پنھنجي ڳوٺ جي مڪتب ۾ پنهنجن وڏن کان تعليم حاصل ڪئي. قرآن مجيد حفظ ڪيائين، فاضل ۽ اڪمل عالم هو. جمعي جي ڏينهن خطابت جا فرض سرانجام ڏيندو هو، شريعت جو صاحب ۽ طريقت جي رمزن کان واقف هو. ظاهري ۽ باطني علم ۾ ڪمالات جو مالڪ هو، سخاوت ۽ شجاعت ۾ شھرت رکندو هو. عاقل ۽ سمجهہ ۾ اڪابر هو، وٽس راڄن جا فيصلا بہ ٿيندا هئا، جيڪي حديث جي روشنيءَ ۾ نبيريندو هو. اڪثر پنهنجو وقت هدايت ۽ تلقين ۾ گذاريندو هو. سڄي سنڌ جا وڏا عالم وٽانئس فتوائون لکرائيندا هئا. هن 19 نومبر 1799ع تي وفات ڪئي. سندس مزار گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاھہ ۾ آهي.
1799.11.19 عيسوي
سيد محمد عابد شاهه جيلاني ثاني 1741ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. هن 19 نومبر 1799ع تي وفات ڪئي. سندس مزار گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاهه ۾ آهي.