
سيد محمد عالم شاهه شيرازي
سيد محمد عالم شاھہ شيرازي: الحاج حڪيم سيد محمد عالم شاھہ ولد سيد محمد بچل شاھہ شيرازيءَ جي نسبت حسيني هئي، چيو وڃي ٿو تہ سندن نسبت نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي ڏوهٽي سيد الشهداءَ حضرت امام حسين عليہ السلام جن سان ملي ٿي.
سيد محمد عالم شاھہ ڳوٺ ڪرمپور ۾ 1904ع ڌاري جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ڪاٺيا ڪيريا، تعلقي سيوهڻ مان حاصل ڪئي، جتان پوءِ وري قاضي احمد لڳ ڪُٻرن جي ڳوٺ ۾ علامہ مولوي عبدالله يمشيءَ وٽ تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو، پر دستار بندي نہ ڪيائين. ڇاڪاڻ تہ شرعاً اها جوابداري کڻڻ نہ چاهيائين. علم حاصل ڪرڻ بعد هو پنهنجو آبائي پيشو حڪمت ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ کيس ايڏي تہ مهارت حاصل هئي، جو مريض کي ڏسڻ شرط ئي دوا منتخب ڪري ڏيندو هو ۽ مريض شفاياب ٿي ويندا هئا. دوا سان گڏ دعا بہ ڪندو هو ۽ دوا جا پئسا نہ وٺندو هو. سيد محمد عالم شاھہ روحاني طريقي سان دماغي علاج بہ ڪندو هو، ايتريقدر جو لاعلاج ڄاڻايل دماغي مريض بہ وٽانئس شفاياب ٿي واپس ٿيندا هئا.
سيد محمد عالم شاھہ عبادت گذار، شب خيز ۽ شب بيدار هو، سڄي رات عبادت ۾ گذاريندو هو، فجر جي نماز بعد ورد ۽ وظيفا ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي دوا خاني تي ايندو هو، جتي آيل مريضن جو علاج ڪندو هو ۽ کين دوائون ڏيندو هو. سيد محمد عالم شاھہ بذات خود ڪنهن کي بہ مريد نہ ڪيو، پر جيڪي سندس خاندان جي وڏن جا اڳيئي مريد هئا، تن کي ٻچن وانگر سنڀاليندو ايندو هو. بيت ﷲ'>حج بيت ﷲ جي سعادت پڻ ماڻيائين.
سيد محمد عالم شاھہ 12 آگسٽ 1975ع تي وفات ڪئي.
1975.08.12 عيسوي
سيد محمد عالم شاهه ڳوٺ ڪرمپور ۾ 1904ع ڌاري جنم ورتو. 12 آگسٽ 1975ع تي وفات ڪئي.