سيد محمد عالم شاھہ ’عالم‘: سيد محمد عالم شاھہ ٽکڙائي ’عالم‘، 2 فبروري 1889ع تي ٽکڙ شھر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم لاءِ کيس علامہ حافظ محمد يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو. اتي تعليم حاصل ڪرڻ دوران هڪ ڏينهن جهالا ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر پرنگل مڪتب جو معائنو ڪرڻ آيو. مڪتب ۾ ٻين شاگردن سان گڏ محمد عالم شاه کان بہ چند سوال پڇيائين. پرنگل صاحب محمد عالم شاھہ جي ذهانت کان متاثر ٿي سندس بزرگن کي چيو تہ ’عالم شاھہ کي انگريزي تعليم ڏياريو‘. عالم شاھہ، علامہ اسدالله شاھہ ’فدا‘ وٽ عربيءَ جي تعليم وٺي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، جتي مئٽرڪ تائين پڙهيو، پر وڏيءَ ڄمار هجڻ ڪري کيس امتحان ۾ ويهڻ نہ ڏنو ويو، ڇاڪاڻ جو انهيءَ وقت مئٽرڪ جي امتحان لاءِ عمر جي حد مقرر ٿيل هئي. محمد عالم شاھہ مايوس ٿيو تہ کيس نور محمد ۽ دين محمد عليگ صلاح ڏني تہ ’عليڳڙھہ پڙهڻ وڃ‘. ٿوري عرصي کانپوءِ محمد عالم شاھہ عليڳڙھہ وڃي پهتو، پر اتي بہ ڪامياب نہ ٿيو ۽ واپس پنھنجي ديس اچي ويو ۽ ان کانپوءِ سندس تعليم حاصل ڪرڻ جو سلسلو هميشہ لاءِ ڪٽجي ويو. محمد عالم شاھہ کي خانداني بزرگن جي صحبت هجڻ ڪري ننڍي هوندي کان ئي شاعريءَ جو شوق هو. شاعريءَ ۾ علامہ اسدالله شاھہ ’فدا‘ کان سکيا ورتائين. سندس شاعريءَ ۾ اڪثر نج سنڌي لفظ آيل آهن. سندس ڪافي ڪلام هو، پر اڳتي هلي هو علم ادب جي مشغلي کان ايترو تہ پري ٿي ويو، جو سندس ڪتبخاني ۾ ڪيترا علمي ۽ ادبي نادر قلمي توڙي ڇاپي ڪتاب موجود هئا، جن ۾ سندس شاعريءَ جو بياض پڻ موجود هو، سو گهڻي وقت نہ ڏسڻ ڪري اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو ۽ ان جو هڪڙو ورق بہ سلامت نہ مليو. بس فقط چار ڪافيون ئي ملي سگهيون. سنڌ جي هن بھترين شاعر، 30 مئي 1955ع تي وفات ڪئي.
1889.02.02 عيسوي
سيد محمد عالم شاهه ٽکڙائي ’عالم‘، 2 فبروري 1889ع تي ٽکڙ شهر ۾ پيدا ٿيو.
1955.05.30 عيسوي
سيد محمد عالم شاهه عالم 30 مئي 1955ع تي وفات ڪئي.