سيد محمد عالم شاھہ عالم ٽکڙائي : علامہ اسد ﷲ شاھہ ”فدا“ ۽ حاجي محمد حافظ شاھہ جو ڀائيٽو ۽ سيد حاجي غلام شاھہ جو وڏو فرزند سيد محمد عالم شاھہ ”عالم“، 30 جمادي الاول 1306ھہ/ 1888ع ۾ موجودہ ٽکڙ ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم لاءِ کيس علامہ حافظ محمد يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو. پاڻ اڃا حافظ صاحب وٽ پڙهندو هو، تہ هڪ ڏينهن، مسٽر پرنگل، هالا ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر، حافظ صاحب جي مڪتب جو معانئو ڪرڻ آيو. مڪتب ۾ ٻين شاگردن سان گڏ، محمد عالم شاھہ کان بہ چند عقلي سوال پڇيائين. پرنگل صاحب عالم شاھہ جي جوابن مان سندس تيز فھم هجڻ جو پورو پورو اندازو لڳايو ۽ سيدن کي چيائين تہ: ”عالم شاھہ کي انگريزي تعليم ڏيو.“ سيدن پرنگل صاحب جي صلاح قبول ڪئي ۽ جيستائين عالم انگريزي پڙهڻ لڳو، تيستائين علامہ ”فدا“ وٽ حافظ بسمل ۽ فيض محمد شاھہ سان گڏ عربي پڙهڻ لڳو. سال کن کان پوءِ کيس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ ويهاريو ويو. جتي مئٽرڪ تائين پڙهيائين، پر يونيورسٽيءَ کيس وڏي عمر هئڻ ڪري امتحان ۾ نہ ويهڻ ڏنو. (انهيءَ وقت مئٽرڪ جي امتحان لاءِ عمر جي حد مقرر ٿيل هئي). مدرسي کي ڇڏي ائين ئي بيڪار پئي گهميو، تہ کيس نور محمد ۽ دين محمد (عليگ) صلاح ڏني تہ: ”عليڳڙھہ پڙهڻ وڃ“. ٿوري عرصي کان پوءِ عالم شاھہ عليڳڙھہ وڃي پهتو. مگر ﷲ تعاليٰ کي سندس وڌيڪ تعليم منظور نہ هئي، ڳوٺ ۾ سندس شاديءَ جا ڏينهن ٻڌجي ويا ۽ کيس واپس گهرايو ويو، ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس تعليم جو سلسلو هميشہ لاءِ منقطع ٿي ويو. عالم شاھہ کي ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جو شوق هو. خاص ڪري علامہ ”فدا“ ۽ حافظ شاھہ جي صحبت مان جهجهو فيض پرايائين. سندس غزلن ۽ ڪافين ۾ نج سنڌي لفظ گهڻي قدر ڪم آيل آهن. ڪافين ۾ چڱو سوز ۽ اثر آهي. ڪافين تي حافظ شاھہ جي صحبت جو جهجهو رنگ چڙهيل اٿس. ٻين شوقن وانگر شاعريءَ جو شوق بہ زماني جي لاهين چاڙهين ڪري کانئس ڇڏائجي ويو ۽ اڳتي هلي انهيءَ علم و ادب جي مشغلي کان ايترو دور ٿي چڪو هو، جو سندس ڪتب خانو جنهن ۾ ڪيترائي علمي ۽ ادبي نادر الوجود ڪتاب موجود هئا ۽ ان ۾ خود سندس بياض بہ موجودہ هو، سو گهڻي وقت نہ ڏسڻ ڪري اوڏهيءَ جو کاڄ ٿي ويو ۽ هڪڙو ورق بہ صحيح سلامت نہ مليو. صرف چار ڪافيون ئي ملي سگهيون آهن. شاھہ صاحب هڪ چڱو تاريخدان هو. خاص ڪري اسلامي تاريخ تي چڱو مَلڪو حاصل هئس. سندس گفتگو نهايت سھڻي ۽ عالمانه هئي. افسوس، شاھہ صاحب 30 مئي 1955ع (1375ھہ) ۾ وفات ڪري ويو.
1888.00.00 عيسوي
سيد محمد عالم شاهه ” عالم “ ، 30 جمادي الاول 1306هه/ 1888ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ تولد ٿيو
1955.05.30 عيسوي
سيد محمد عالم شاهه 30 مئي 1955ع ( 1375هه ) ۾ وفات ڪري ويو