سيد محمد علي شاهه

سيد محمد علي شاهه

سيد محمد علي شاھہ

سيد محمد علي شاھہ: مشھور سياستدان ۽ زميندار، سيد محمد علي شاھہ ولد خانبهادر سيد الھندو شاھہ، مٽياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي مان هو، جيڪي 150 سالن کان ڊڀري/ درٻيلي ۾ رهندڙ هئا. سيد محمد علي شاھہ، 1912ع ڌاري درٻيلي ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پنهنجن پٽن- قراري شاھہ ۽ محمد علي شاھہ- جي تعليم لاءِ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ کي رکيو. سيد محمد علي شاھہ بعد ۾ نوشهري فيروز مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ ڇھہ درجا انگريزي عثمان علي انصاريءَ جي هٿ هيٺ پڙهيو. شاھہ صاحب نهايت ئي ذهين هو، ننڍپڻ کان سياست ڏانهن لاڙو هئس.
1933ع ڌاري سياست جي ميدان ۾ پير پاتائين. هن ئي سال (1933ع) جي. ايم. سيد ۽ ٻين سر شاهنواز ڀُٽي جي ليڊرشپ ۾ هڪ جماعت ’پيپلز پارٽي‘ ٺاهي، جنهن جي پهرين ميٽنگ ۾ 13 جون 1934ع تي مـحـمـد عـلـي شـاھہ بہ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ 1934ع جي آخر ۾ هن جي. ايم. سيد ۽ ٻين سان گڏجي، سردار نبي بخش ڀُٽي جي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ ميمبريءَ لاءِ نوابشاھہ ضلعي ۾ مدد ڪئي. بعد ۾ هو پهرين ضلعي لوڪلبورڊ نوابشاھہ جو ميمبر چونڊيو ۽ سنڌ اتحاد پارٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ان جي ٽڪيٽ تي جنوري 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. سر غلام حسين هدايت ﷲ جي وزارت ٺھڻ بعد ’اتحاد پارٽيءَ‘ جي ميمبرن سان مخالفت ۾ ويٺو، 1938ع ۾ سر غلام حسين جي وزارت ڊٺي ۽ الھہ بخش سومري جي وزارت ٺھي تہ ان جي اوائلي مـددگارن مـان هڪ هو. ليڪن جڏهن ڍلن جي سوال تان اتحـاد پـارٽـيءَ الھہ بخش وزارت جو ساٿ ڇڏي ڏنو تہ الھہ بخش سان دوستانه تعلقات هئڻ ڪري پاڻ وزارت سان گڏ رهيو. ان عرصي ۾ هڪ ڀيرو مسلم ليگ وزارت ٺهي، پوءِ وري 1941ع ۾ الھہ بخش وزارت طاقت ۾ آئي. سيپٽمبر 1942ع ۾ الھہ بخش سومري، انگريز سرڪار کي خطاب موٽائي ڏنا، ان تان سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو. ان جي جاءِ تي سر غلام حسين وزارت ٺاهي. 14 مئي 1943ع تي الھہ بخش سومري جي شهادت ٿي. ان کانپوءِ سيد محمد علي شاھہ جي. ايم. سيد سان ملي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ساڻس گڏ رهندو آيو.
1944ع ۾ صوبائي مسلم ليگ جا جڏهن سر غلام حسين جي وزارت سان اختلاف پيدا ٿيا تہ هي جي. ايم. سيد سان گڏ هو. سگهو ئي سر غلام حسين جي وزارت کي اسيمبليءَ ۾ شڪست ملي، اُن تي جناح صاحب ناراض ٿيو. مسلمانن جي پڙهيل طبقي گهر ڪئي تہ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جو حڪم مڃي، سر غلام حسين کي اڳيان آندو وڃي، ان ڪري جي. ايم. سيد وارن کي سر غلام حسين سان ٺاھہ ڪرڻو پيو. سر غلام حسين حاجي مولا بخش سومري کي وزارت مان ڪڍي ان جي جاءِ تي پي. ڊبليو. ڊي جو وزير مقرر ڪيو. ان کانپوءِ بہ مسلم ليگ وزارت ۽ صوبائي مسلم ليگ جي وچ ۾ اختلاف هلندا آيا، ۽ ان دور ۾ وزيرن مان رڳو سيد محمد علي شاھہ ئي جي. ايم. سيد وارن سان وفادار رهندو آيو.
1945ع جي آخر ۾ نين چونڊن لاءِ ٽڪيٽن ڏيڻ جو وقت آيو تہ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ وزارت جو طرف وٺي، صوبه سنڌ مسلم ليگ کي سسپينڊ ڪري، ايڊهاڪ مسلم ليگ ڪاميٽي ٺاهي. ان وقت سيد محمد علي شاھہ جي ٽڪيٽ رد ڪري، سندس سامهون 110 قلم هيٺ ٻہ ڀيرا سزا کاڌل ماڻهوءَ کي ٽڪيٽ ڏني وئي، ان وقت جي نوابشاھہ جي ڪليڪٽر جي دست اندازي ۽ مسلم ليگ اميدوار جي هر نموني مدد ڪرڻ جي باوجود سيد محمد علي شاھہ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو. ڪانگريس پارٽيِءَ سان ڪوئليشن ڪرڻ وقت سيد محمد علي شاھہ جي. ايم. سيد وارن سان گڏ هو. ٿوري وقت کانپوءِ، سر غلام حسين جي وزارت کي اڪثريت نہ هئڻ جي نتيجي ۾ گورنر مخالف پارٽيءَ جي وزارت ٺاهڻ جي موقعي ڏيڻ کانسواءِ اسيمبلي ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون. هنن چونڊن ۾ مسلم ليگ وزارت، انگريز گورنر جي کُليءَ طرفداريءَ سان سرڪاري عملدارن کي ڪتب آڻي، اڻ وڻندڙ طريقن سان شاھہ صاحب ۽ سندس حمايتين کي شڪست ڏياري. چونڊن ۾ ڌانڌلين ۽ شڪست بعد سيد محمد علي شاھہ دلڪشستو ٿي پيو ۽ پوءِ هن جي سياست ۾ ڪا دلچسپي نہ رهي.
سنڌ جي اڪثر سياستدانن وانگر سيد محمد علي شاھہ جي پاور پاليٽڪس ۾ دلچسپي ضرور هئي، پر منجهس وفاداري، همت، خوش خلقي، عام ماڻهن سان لاڳاپا رکڻ ۽ سندن ڪم ڪار ڪرڻ جون خاص لياقتون هيون.
سيد محمد علي شاھہ، 8 فبروري 1948ع تي ڪراچيءَ ويندي هڪ جيپ جي حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو ۽ سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سيد محمد علي شاھہ کي هڪ فرزند سيد ظفر علي شاھہ آهي، جيڪو ايل. ايل. بي آهي. سيد ظفر علي شاھہ 1956ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو، پر ننڍي عمر هئڻ ڪري کيس ميمبريءَ مان خارج ڪيو ويو. 1958ع ۾ ايوب خان جي مارشل لاءِ کانپوءِ وري مغربي پاڪستان جي چونڊن ۾ سيد ظفر علي شاھہ ميمبر چونڊجي آيو ۽ ڊپٽي اسپيڪر ٿي رهيو. ان کانپوءِ بہ ظفر علي شاھہ پاڪستان ۽ سنڌ جي سياست ۾ سرگرم رهيو آهي. ڪافي عـرصـو پيپلز پارٽيءَ ۾ رهيو ۽ هن وقت مسلم ليگ (ن) ۾ آهي.


لفظ سيد محمد علي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.02.08  عيسوي

سيد محمد علي شاهه، 1912ع ڌاري درٻيلي ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. 8 فبروري 1948ع تي ڪراچيءَ ويندي هڪ جيپ جي حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو ۽ سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديارام ساهني
ريواچند نهالچند
ڌرمپال اگروال
خير محمد سومرو
ڄام جکرو ڳھڙ راءُ
رئيساڻي غوث بخش
ٽوانا
جوهر محمد علي مولانا
ڏوڏيجا پيسو مل
ابولهب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون