سيد محمد مبارڪ جيلاني: عالم ۽ بزرگ سيد محمد مبارڪ شاھہ جيلاني 1762ع ڌاري گهوٽڪيءَ جي مشھور بزرگ سيد جمال شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. اباڻي خانقاھہ ۾ پنهنجن وڏن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪيائين. پاڻ علم تفسير، فقه، حديث ۽ وعظ جو مشھور عالم هو. سڄي زندگي دين جي خدمت ۾ گذاريائين. سندس گادي نشينيءَ واري دور ۾ مير نصير خان بروهيءَ وٽان ڪيترن ئي ساداتن کي ڪڇيءَ ۾ جاگيرون مليون. سادگيءَ سان زندگي گذاريندو هو. وٽس مريدن ۽ عقيدتمندن جا ميڙ هوندا هئا. ڪيترائي طالب وٽس اچي تعليم حاصل ڪندا هئا. خانقاھہ جو انتظام بهتر نموني سنڀاليندو هو، اڪثر فيصلا وٽس ٿيندا هئا. پاڻ فيصلي ڪرڻ وقت شرعي احڪامن جو خاص خيال رکندو هو ۽ جماعت کي ديني تعليم پرائڻ جي خاص هدايت ڪندو هو. هن 28 جنوري 1800ع تي وفات ڪئي، سندس مزار وڏي خانقاھہ گهوٽڪيءَ ۾ آهي.
1800.01.28 عيسوي
عالم ۽ بزرگ سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني 1762ع ڌاري گهوٽڪيءَ جي مشهور بزرگ سيد جمال شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. 28 جنوري 1800ع تي وفات ڪئي، سندس مزار وڏي خانقاهه گهوٽڪيءَ ۾ آهي.