سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني ثاني

سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني (ثاني): درگاهه خانقاهه گهوٽڪيءَ جو ڇهون گادي نشين ۽ بزرگ سيد محمد مبارڪ شاهه ’ثاني‘، 11 آڪٽوبر 1792ع تي، گهوٽڪيءَ ۾، سيد محمد صالح شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي سندس گادي نشين واري دور ۾ عبادت طرف لاڙو رهيو. ڳوٺ جي مڪتب ۾ پنهنجن بزرگن کان تعليم حاصل ڪيائين. حديث جو عالم ۽ وڏو واعظ هو. سندس وقت جي حاڪمن ۽ عملدارن سان سٺا واسطا هوندا هئا، گهوٽڪيءَ جي سيدن جي باغن جا پروانا روڪيا ويا هئا، جيڪي هن بزرگ ئي بحال ڪرايا. خانقاهه جو انتظام سهڻي نموني هلائيندو هو، وٽس ڪيترا ماڻهو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. مريدن کي هميشه چڱائيءَ جي هدايت ڪندو هو. والد جي وفات بعد سجاده نشين ٿيو.
هن 23 مارچ 1858ع تي وفات ڪئي. سندس وفات تي خليفي گل محمد قطعه تاريخ پڻ لکي. سندس مزار گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاهه ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1792.10.11  عيسوي

درگاهه خانقاهه گهوٽڪيءَ جو ڇهون گادي نشين ۽ بزرگ سيد محمد مبارڪ شاهه ’ثاني‘، 11 آڪٽوبر 1792ع تي، گهوٽڪيءَ ۾، سيد محمد صالح شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو.


1858.03.23  عيسوي

سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني ثاني 23 مارچ 1858ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پارپتي ٽيڪچند گدواڻي
حبيب الرحمان ڏيپلائي
پنهور خان محمد ڊاڪٽر
تاجو ليکي
ٿهيم عبدالرزاق جسٽس
گوتم ڇاٻڙيا شڪارپوري
مير رستم خان ٽالپر
جانڪي دادي
ابوالقاسم سلطان ٺٽوي
حاجي غلام نبي شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون