سيد محمد مبارڪ شاھہ جيلاني ثاني

سيد محمد مبارڪ شاھہ جيلاني (ثاني): درگاھہ خانقاھہ گهوٽڪيءَ جو ڇهون گادي نشين ۽ بزرگ سيد محمد مبارڪ شاھہ ’ثاني‘، 11 آڪٽوبر 1792ع تي، گهوٽڪيءَ ۾، سيد محمد صالح شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي سندس گادي نشين واري دور ۾ عبادت طرف لاڙو رهيو. ڳوٺ جي مڪتب ۾ پنهنجن بزرگن کان تعليم حاصل ڪيائين. حديث جو عالم ۽ وڏو واعظ هو. سندس وقت جي حاڪمن ۽ عملدارن سان سٺا واسطا هوندا هئا، گهوٽڪيءَ جي سيدن جي باغن جا پروانا روڪيا ويا هئا، جيڪي هن بزرگ ئي بحال ڪرايا. خانقاھہ جو انتظام سھڻي نموني هلائيندو هو، وٽس ڪيترا ماڻهو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. مريدن کي هميشہ چڱائيءَ جي هدايت ڪندو هو. والد جي وفات بعد سجادہ نشين ٿيو.
هن 23 مارچ 1858ع تي وفات ڪئي. سندس وفات تي خليفي گل محمد قطعه تاريخ پڻ لکي. سندس مزار گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاھہ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1792.10.11  عيسوي

درگاهه خانقاهه گهوٽڪيءَ جو ڇهون گادي نشين ۽ بزرگ سيد محمد مبارڪ شاهه ’ثاني‘، 11 آڪٽوبر 1792ع تي، گهوٽڪيءَ ۾، سيد محمد صالح شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو.


1858.03.23  عيسوي

سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني ثاني 23 مارچ 1858ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪملا ڪيسواڻي
الاهي بخش ٻانڀڻ
راٺوڙ شبنم ڊاڪٽر
راحت ڪاظمي
اختر بلوچ
داد فتو
قاسم سوڍر ڊاڪٽر
پنڊت ديودت شرما
امبر مھڪ
ترخان مرزا جاني بيگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون