سيد محمد مراد شاهه

سيد محمد مراد شاهه

سيد محمد مراد شاھہ

سيد محمد مراد شاھہ: سيد محمد مراد شاھہ، باقيل پوٽا ساداتن ۾ سياسي حوالي سان ڪافي مشھور شخص ٿي گذريو آهي. هن جو جنم 1928ع ڌاري ٿيو. ڪجهہ عرصو ٽائون ڪميٽي مٽياريءَ جو چيئرمئن بہ رهيو ۽ شھر جي ترقيءَ لاءِ ڪافي ڪم ڪيائين. مٽياري شھر جي ٻاهران سڄو سرڪل روڊ هن جي ڪوششن سان ٺهيو. شھر جي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيائين. ونيونٽ واري دور، 1965ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. مٽياري شھر ۾ تعليمي سجاڳي ۽ نوجوانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو آهي.
کيس ست فرزند ٿيا، جن جا نالا هن ريت آهن: نعيم شاھہ، علي گوهر شاھہ، علي مراد شاھہ، غلام مرتضيٰ شاھہ، ڊاڪٽر حسن مراد شاھہ، خالد مراد شاھہ ۽ غالب مراد شاھہ.
هن 42 سالن جي عمر ۾ 1970ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سيد محمد مراد شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو