سيد محمد مڪي1

سيد محمد مڪي1: سنڌ جو ناليوارو بزرگ ۽ ولي سيد محمد مڪي بن سيد محمد شجاع 22 محرم 510ھہ/1116ع تي مڪي شريف ۾ ڄائو. هن جو اصل نالو حمزہ هو. کيس محمد ۽ محمود بہ سڏيندا هئا، آخر هو محمد مڪيءَ جي نالي سان مشھور ٿيو ۽ تبليغ جي خيال سان 560ھہ/1165ع ڌاري سنڌ ۾ آيو. سنڌ ۽ پنجاب جو مڪمل سير سفر ڪيائين، آخر موجودہ حيدرآباد کي پنهنجو مسڪن بڻايائين. سندس گفتگو روحاني ر ازن سان ڀريل هوندي هئي. پاڻ 8 ذوالحج 658ھہ بمطابق 14 نومبر 1260ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هڪ فرزند مخدوم صدرالدين ’خطيب‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. 12 صديءَ کان پوءِ سيد مڪي شاھہ جي درگاھہ، حيدرآباد ۾ ٺهرائي وئي. 1082ھہ/ 1671ع ۾ نواب عزت خان جي ڪوششن سان سندس مزار تي مقبرو جڙي راس ٿيو. هن وقت شاھہ مڪيءَ جو مقبرو اوقاف کاتي جي سنڀال هيٺ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0510.01.22  هجري

سنڌ جو ناليوارو بزرگ ۽ ولي الله سيد محمد مڪي بن سيد محمد شجاع 22 محرم 510هه/1116ع تي مڪي شريف ۾ ڄائو.


0658.12.08  هجري

سيد محمد مڪي 8 ذوالحج 658هه بمطابق 14 نومبر 1260ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي غلام مجتبيٰ خان
رئيس ولي محمد خان
جهانگي خان وڏيرو
شميم ميمڻ
سومار خان استاد ننڍو
قاضي عبدالقيوم
عبدالقادر ملڪاڻي
ابو جعفر طوسي رح
شاھہ محمد مهيسر ڊاڪٽر
سقراط
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون