سيد محمد وريل شاھہ سبزواري: سيد محمد وريل شاھہ سبزواري، سيد مير ڪلان سبزواريءَ جي خاندان ۾ 1901ع ڌاري سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪئي. کيس اهو اعزاز حاصل هو تہ هو سنڌ جي سيد خاندان مان پهريون گرئجوئيٽ ۽ دادو ضلعي جو پهريون گرئجوئيٽ ۽ درگاھہ قلندر لعل شھباز جو سجادہ نشين هو. سندس زمينداريءَ سان گڏ سياست طرف لاڙو هو. سماجي حوالي سان سندس ڪافي خدمتون آهن. ٽي ڀيرا سيوهڻ ميونسپل جو صدر بہ رهيو.
سيد محمد وريل شاھہ سبزواري سٺو مرثيہ خوان هو، کيس سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي ۽ ٻين جا مرثيا برزبان ياد هئا. شاھہ صاحب کي چئن پٽن: سيد صادق علي شاھہ، سيد فتح علي شاھہ المعروف حاجن شاھہ، سيد مظفر علي شاھہ ۽ سيد ارشاد علي شاھہ جو اولاد ٿيو، جن مان سيد حاجن شاھہ ٽائون ڪميٽي سيوهڻ جو چيئرمئن رهيو، جڏهن تہ سيد مظفر علي شاھہ سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽريءَ جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي ۽ سيد ارشاد شاھہ پڻ اعليٰ حڪومتي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي.
سيد محمد وريل شاھہ سبزواري 1958ع ۾ وفات ڪئي.