
ڊاڪٽر سيد مدد علي شاهه
سيد مدد علي شاھہ، ڊاڪٽر: نامور اسڪالر سيد مدد علي ولد سيد ميران محمد شاھہ، آگسٽ 1968ع تي هالاڻي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. پرائمري ۽ مئٽرڪ هالاڻيءَ مان، جڏهن تہ انٽر سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري مان ڪيائين، جنهن کانپوءِ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ انجنئيرنگ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ ڪيائين. ان کانپوءِ انگلنڊ ويو، جتي پولي مائوٿ يونيورسٽيءَ مان ايم. فل ۽ برونل يونيورسٽيءَ مان ’سيٽ لائيٽ ڪميونيڪيشن‘ جي شعبي ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
سيد مدد علي شاھہ کي سندس علمي خدمتن جي اعتراف ۾ مختلف تنظيمن پاران ٻہ ڀيرا گولڊ ميڊل ملي چڪا آهن، پاڻ هن وقت انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن سکر ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور علمي خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.