سيد مراد علي بکري: سيد مراد علي ولد سيد جمن شاھہ (وفات 1191ھہ/ 1777ع) روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مير علي مراد خان ٽالپر جو همعصر ۽ علمي مصاحب هو. عربيءَ ۽ فارسي زبان جو وڏو عالم ۽ ماهر هو. هن حضرت علي عليہ السّلام جي خطبن ’نهج البلاغه‘ جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ترجمي جي ابتدا ۾ هن لکيو آهي تہ مون کي ڪتابن جي مطالعي سان اهل بيت سان محبت پيدا ٿي وئي ۽ هي ترجمو ان شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. هن ترجمي سان گڏ شرح ۽ سمجهائڻ لاءِ حاشيو بہ لکيو آهي، جنهن ۾ لغت جا ڏکيا لفظ ۽ انهن جي معنيٰ بہ موجود آهي. سيد مراد علي بکري جون ٻيون بہ ڪيتريون ئي علمي ادبي خدمتون آهن. پاڻ وڏو زميندار هو. هن 1220ھہ/1805ع ۾ وفات ڪئي.