سيد مصري شاهه امام رضوي
سيد مصري شاهه امام رضوي: سيد مصري شاهه سنڌي ڪافيءَ جو سرموڙ شاعر ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي دور جو ڪافيءَ جو نمائنده شاعر ۽ امام سڏيو ويو آهي. سندس ڪلام ۾، ڪافيءَ جون اهي سموريون خوبيون ۽ سمورا لوازمات موجود آهن، جيڪي ان دور جون خاصيتون شمار ٿينديون هيون. سندس ڪلام جي بي ساختگي، صوفيانه نُڪته سنجي، موزونيت، سنڌي، هندي، فارسي ۽ عربي لفظن جو سهڻو امتزاج، تخيل جي بلندي ۽ ڪلام جي سادگي، سلاست، فصاحت ۽ بلاغت ڪمال جي آهي.
هن صوفي سالڪ ۽ عوامي شاعر، سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهر نصرپور جي مرد خيز سرزمين ۾، رضوي ساداتن جي برگزيده گهراڻي ۾، سيد بُلند شاهه جي گهر ۾، 1245هه مطابق 1828ع ۾، انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان 15 سال اڳ جنم ورتو ۽ انگريز دور جو صف اول جو شاعر ثابت ٿيو. رضوي خاندان جي عظيم المرتبت شخصيت، مصري شاهه جي والد جي نسب جو سلسلو ستين پيڙهيءَ ۾ سيد هاشم سان ملي ٿو، جيڪو تحفة الڪرام جي لکئي موجب نصرپور ۾ اچي آباد ٿيو، ۽ هتي جي رضوي ساداتن جو ڏاڏو بزرگوار هو. وڏو مشائخ ۽ ولي اڪمل ٿي گذريو آهي.
سيد مصري شاهه کي ’سنڌي ڪافيءَ جو امام‘ ۽ ’سنڌي ڪافيءَ جو بادشاهه‘ به سڏيو وڃي ٿو. هن صوفي شاعر کي، ننڍي هوندي ئي يتيميءَ جو داغ نصيب ٿيو. هو اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد گذري ويو، ان ڪري سندس تعليم ۽ تربيت، وڏي ڀاءُ فتح شاهه جي نظر هيٺ ٿي. مصري شاهه ننڍي هوندي کان هڪ ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو، پر سمورن الله وارن بزرگن وانگر هن کي دنيوي تعليم ڪشش نه ڪئي. پوءِ به ابتدائي تعيلم طور پاڙي جي هڪ لائق ۽ حليم استاد، گل محمد ’گل‘ جي مڪتب ۾، سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جا ابتدائي درس ورتائين. پوءِ ’ڪتاب فطرت‘ ئي هن جي مطالعي هيٺ رهيو. کيس ديوان حافظ، مثنوي مولانا روم ۽ ڪليات سعدي شيرازيءَ تي ڪافي عبور حاصل هو. عربي لغت ’قاموس‘ تي به کيس عبور حاصل هو. ديوان حافظ، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه جو رسالو، سڄي زندگي، سندس سفر ۽ حضر جا ساٿي رهيا.
مصري شاهه امام، قد جو پورو پنو، موڪري ڇاتي، گول منهن، ڪتابي چهري، وڏين مخموريل اکين، جاڙن ڀرن ۽ ڪڻڪائين رنگ جو خوبصورت انسان هو. مُٺ برابر ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار ٻٽونئا رکندو هو. ڪلهي تي اڪثر ڪاري ڪفني اوڍيندو هو. اڪثر مٿي اگهاڙو رهندو هو. شاهه لطيف جي هن بيت جو هوبهو نمونو هوندو هو:
ڪُلهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو،
منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾.
مصري شاهه امام جو جهڙو نالو مصري هو، تهڙو ئي سندس مزاج مصريءَ جهڙو مٺو ۽ ٿڌو هوندو هو. سڄي عمر ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليائين، استادن سان ادب ۽ احترام سان ملندو هو. نوڙت ۽ نياز جو مجسمو هو. پاڻ کي ڪڏهن به مصري شاهه نه ڪوٺيائين. بلڪ ’مصري‘ سڏائيندو هو. پاڻ کي ’ٻانهيءَ جو ٻار‘ سڏيندو هو. سندس بيٺڪ نُک (تڏي) تي ٿيندي هئي. سادو کائيندو، ۽ سادو هنڍائيندو هو. ٻاجهر جي ماني، ڏڌ، ساڳ ۽ کير سندس پسنديده غذا هئي. ڪاري نير ۾ ٻڏل ڪپڙي جي الفي سندس عام پوشاڪ هئي. اوائلي عمر ۾ ٻني ٻارو به ڪيائين.
مصري شاهه 25-26 سالن جي عمر ۾ سفر تي نڪري ويو، گهر ڀاتين کي به اطلاع نه ڏنائين. 15- 16 سالن تائين ٿرپارڪر، اجمير، جهوناڳڙهه، جوڌپور، جئپور، ڪڇ، ابو پهاڙ، هنگلاج ۽ گرنار جا پٽ، سنياسين، جوڳين ۽ آديسين سان گذاري، 40 سالن جي عمر ۾ وطن وريو. ان وقت سندس شڪل صورت ۾ ايتري ته تبديلي اچي وئي، جو پهرينءَ نظر ۾ سندس وڏو ڀاءُ فتح شاهه به کيس سڃاڻي نه سگهيو. دنيا چڱيءَ طرح ڏسي وائسي اچڻ کانپوءِ، شاهه صاحب پنهنجي اوتاري جي ڪنڊ ۾، راڳ ويراڳ ۽ شاعريءَ ۾ مشغول رهيو.
سندس معمول هوندو هو ته وڏي اسر جو اُٿي، شاهه محمود جي درگاهه جي حاضري ڀري، اوطاق تي چونڪي ڏيندو هو، جتي اڪثر قادر ڏنو شاهه، پرتو، جيئندو، يعقوب حجام، ڪامل، حاجي ۽ ڇتو شيدي ۽ ٻيا ڪيترا ڳائڻا ايندا هئا ۽ مصري شاهه سان سُنگ ۾ گڏجي ڳائيندا هئا. مصري شاهه، ڳائڻن کي چڱيءَ ريت ڪلام ياد ڪرائي، سُر سيکاري، پوءِ آلاپ جي اجازت ڏيندو هو. عام ساز، دلو ۽ يڪتارو هوندا هئا. مصري شاه جو ڀاڻيجو قادر ڏنو شاهه سُر گائڪيءَ جي فن جو وڏو ماهر هو ۽ ساڻس ستار کڻي ويهندو هو. فجر جي نماز کانپوءِ اوتاري ۾ ڪچهري ٿيندي هئي، جنهن ۾ ڪٿان ڪٿان جا ڳائڻا اچي پهچندا هئا. شاهه صاحب راڳداريءَ جو وڏو ڄاڻو هو.
مصري شاهه ڪچهريءَ ۾ جلالي عالم ۾ ڪلام چوندو هو، جيڪو بروقت سندس ڀاڻيجو قادر ڏنو شاهه ۽ ماستر قاضي عبدالرحيم قلمبند ڪندا ويندا هئا. قاضي عبدالرحيم، شعر گوئيءَ ۾ مصري شاهه جو شاگرد هو. قادر ڏني شاهه ۽ قاضي صاحب جي غير حاضريءَ ۾ درگاهه جا فقير، مصري شاهه جو ڪلام ياد ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪو بعد ۾ ٻئي صاحب لکي ڇڏيندا هئا. ٽنڊي الهيار ۾ ڪلام چوڻ مهل حاجي جمعي پاٽوليءَ جو پٽ حافظ محمد لکندو ويندو هو، جيڪو بعد ۾ قادر ڏنو شاهه بياض ۾ لکي ڇڏيندو هو. مصري شاهه خوش نصيب شاعر هو، جنهن کي حاضريءَ جا ڪاتب ملي ويا ۽ ائين سندس سمورو ڪلام محفوظ ٿي ويو. هڪ روايت آهي ته مصري شاهه پنهنجي ڪلام جو هڪ نسخو، اوتاري واريءَ کوهيءَ ۾ اڇلارائي ڇڏيو هو، پر اها روايت، اڪثر قديم شاعرن بابت مشهور روايتن جو هڪ سلسلو آهي.
شام جو محفل سماع ٿيندي هئي، جنهن ۾ مختلف فنڪار شاهه عنات رضوي، شاهه نورالله، لطيف سائين، سچل سرمست ۽ مصري شاهه جا ڪلام ڳائيندا هئا.
مصري شاهه سڄي ڄمار ’مجرد‘ ٿي رهيو ۽ شادي نه ڪيائين. سندس زمين جو مختيار، خليفو لونگ گجر، زمين جي پيدائش کڻي ايندو هو، پر هن ساڻس زندگيءَ ڀر حساب ڪتاب نه ڪيو، جيڪي کيس ملندو هو، وٺي رکندو هو.
مصري شاهه ’سخي‘ مرد به واهه جو هو. جهوڪ جي درگاهه تي به ويندو هو ۽ اڪثر استغراق ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري رکيل شاهه ڀاڳناڙيءَ وارو ۽ ٻيا سندس مٿان وڃي بيٺا، پر هو مستيءَ ۾ غرق هو، رکيل شاهه هڪه ڪلام چيو، جنهن تي ڪنڌ مٿي کنيائين ته سندس اکين مان نار وهي رهيا هئا. ٽنڊي الهيار جي پير محمد زمان شاهه جي درگاهه تي هر سومر رات حاضري ڀرڻ ويندو هو. عمر جي آخري حصي ۾ سيد زمان شاهه جي درگاهه تي هڪ ٻه ڀيرو ويندو هو. 1900ع ۾ سنڌ ۾ وڏي وبا پيئي، جنهن جو نصرپور شهر تي به اثر پيو، پر مصري شاهه، خاندان سميت شهر نه ڇڏيو.
مصري شاهه 4 ۽ 5 صفر 1335هه مطابق 1906ع جي وچ واري رات، اڌ رات اوچتو بيمار ٿيا. انهيءَ مهل، زندگيءَ جي آخري ڪافي چيائين:
اُڏر ڏاگها جيئن ڏينهن نه اُڀري،
پنڌ پرانهون، منزل ڏور!
۽ پوءِ دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. سندس جسم خاڪي، شاهه محمود جي درگاهه جي اتر طرف مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو. سندس آخري آرام گاهه تي جوڌپور جي مريدن ڳاڙهو پٿر آڻي مزار مٿان ڇٽي اڏائي هئي. هر سال مصري شاهه جو ميلو 5 صفر تي نصرپور ۾ وڏي احترام سان ملهايو ويندو آهي.
مصري شاهه جو ذڪر ’مائي ليلان‘ جي احوال کان سواءِ مڪمل نه ٿو ٿي سگهي. مائي صاحبه سڄي زندگي، مصري شاهه سان سفر ۽ حضر ۾ گڏ رهي. هوءَ هڪ ماهر رقاصه هئي، حيدرآباد جي ماڙيچن مان هئي. سندس مائٽ کيس ننڍي هوندي مصري سائينءَ جي خدمت ۾ ڇڏي ويا هئا. هوءَ شڪل صورت جي سهڻي ۽ ڳائڻ جي نهايت ملوڪ هئي. مصري شاهه جي حاضريءَ ۾ ڳائيندي هئي ۽ اک هميشه مرشد ۾ کتل هوندي هئس. فضيلت ڀري، باادب ۽ ڪم گو عورت هئي. ڪلام فقط مصري شاهه جو ڳائيندي هئي. مصري شاهه کيس ’مائي‘ سڏيندو هو. وچ ۾ ڪجهه وقت لاءِ مائٽن وٽ وئي، پر ڪنهن بيماريءَ ۾ سندس سَنڌ سُڪي ويا ۽ وري کڻائي کيس مصري شاهه جي اوتاري تي ڇڏي ويا. جتي هوءَ چاڪ چوبند ٿي وئي. بُولي نالي هڪ پٽ هئس، جنهن مرشد بابت هيٺيون شعر چيو:
سائين سدائين هجين نصرپور ۾ نر،
ڏسي تو ڏاتار کي، کامي مرن کر . . .
مائي ليلان مصري شاهه جي انتقال وقت به موجود هئي، ۽ پوءِ به هڪ سال تائين اوتاري تي مجاور بڻجي ويٺي رهي. آخر اُتي ئي وفات ڪيائين ۽ مرشد جي پيرانديءَ کان دفن ٿي.
مصري شاهه امام جي ڪلام ۾ خودي کائڻ ۽ عجز نياز جو پيغام آهي. ٻين صوفي شاعرن وانگر مصري شاهه به اهو سنيهو ڏنو آهي، جيڪو اڳ ۾ شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين ڏنو. مصري شاهه جي ڪلام جو مرڪزي نقطو ساڳيو آهي.
مصري شاهه جو ڪلام، بي خبر انسان لاءِ سجاڳيءَ جو سڏ آهي.
جاڳ ڏي جيءَ کي جفا، گينوار غفلت کي ڇڏي،
رات ويئي اپٽڻ اکيون تو کي نڀاڳا ننڊ نه ڏي.
ڇڏ هئڻ هستي اٿئي، ڀُتل ڀت جو ڀروسو،
نانهن آهين، نانهن ٿي ويهه، نانهن ۾ نجهرو اڏي!
مصري شاهه جي ڪلام ۾ سموريون شاعراڻيون خوبيون موجود آهن. سندس بيت، ڏوهيڙا، وايون ۽ ڪافيون، ڇند ۽ گائن وديا جي متن تي ٺهيل آهن. سندس ڪافيون ۽ غزل علم عروض جي قاعدن تي به چيل آهن، پر غزلن ۾ به ۾ ڪافي رنگ موجود آهي. سندس ڪلام ۾ لاثاني تشبيهون، استعارا، ڪنايا، تجنيس حرفي ۽ ٻيون شعري صنعتون موجود آهن.
مصري شاهه جو ڪلام پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته کيس تاريخ جي به وڏي ڄاڻ هئي. سندس ڪلام راڳن ۽ راڻين تي ٻَڌل آهي. سندس هندي ڪافيون ته ڪمال جون آهن.
سندس ڪلام جا ڪجهه مثال نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
اکيون ازخود اچي اڙيون، ڪري سامان سڪ وارا،
جادوگر يار جاڳايون، سڏي سيني سڄڻ لايون،
مصري محبت مارايون، پين قابو ڪمند ڪڙيون.
چلڻ جا سڀ چُڪن چارا.
(ڪافي)
-
ذات نسورو نور، آيو سانگ ڍڪي صورت جو!
مصري مور ملڪ جي ماهي، وڻ ٽڻ ۾ ڏس وحدت وائي،
هرجا هوت حضور، حملو هُل عجب حيرت جو!
(ڪافي)
مُرلي سي مجهه موهه ڪي، جوڳي جان ليگيو ري،
ڪس ديس سي آيو!
ڪانون ۾ ڪنڍل پاءِ ڪي، ڪيسر ڪا تلڪ لڳاءِ ڪي،
ڪائي الٽي بين بجاءِ ڪي، سارا شان ليگيو ري!
بن سامي آيا ستمگر، من ڪون ڪر گيا منتظر،
خَمدار خنجر مار ڪر، ڌن ڌيان ليگيو ري!
-
عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ!
-
ماڙيون ڀايان ماتام، موليٰ، ماروئڙن لئه دل ماندي!
لا ورهه ورهامي راتڙي!
-
پريتم مت پرديس پڌارو، رُت سانون ڪي سانوريا!
-
کنيائون کِلي نيڻ گهرا گُلابي،
ڀري ٻاجهه نرگس، عجب نيم خوابي!
ذري سونهن يوسف کي بازار نيو،
بنا ملهه مقيّد مزيدار ٿيو،
مصر ۾ نه منظور ٿي ماهتابي،
برهه تيغ ڀڙڪي، جو جلوو ڪيو،
هٽيا عرش حامل فلڪ فرش ٿيو!
نه آيو اتي ڪو عرب جو اعرابي،
ڪيو معراج مردن، مگر مچ مچائي،
اهو راز رندي، منجهان منجهه نه مائي.
اٿئي محل مصري، سگهو ڪر شتابي.