
سيد مصري شاهه امام رضوي
سيد مصري شاھہ امام رضوي: سيد مصري شاھہ سنڌي ڪافيءَ جو سرموڙ شاعر ٿي گذريو آهي. هو پنھنجي دور جو ڪافيءَ جو نمائنده شاعر ۽ امام سڏيو ويو آهي. سندس ڪلام ۾، ڪافيءَ جون اهي سموريون خوبيون ۽ سمورا لوازمات موجود آهن، جيڪي ان دور جون خاصيتون شمار ٿينديون هيون. سندس ڪلام جي بي ساختگي، صوفيانه نُڪته سنجي، موزونيت، سنڌي، هندي، فارسي ۽ عربي لفظن جو سھڻو امتزاج، تخيل جي بلندي ۽ ڪلام جي سادگي، سلاست، فصاحت ۽ بلاغت ڪمال جي آهي.
هن صوفي سالڪ ۽ عوامي شاعر، سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شھر نصرپور جي مرد خيز سرزمين ۾، رضوي ساداتن جي برگزيده گهراڻي ۾، سيد بُلند شاھہ جي گهر ۾، 1245ھہ مطابق 1828ع ۾، انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان 15 سال اڳ جنم ورتو ۽ انگريز دور جو صف اول جو شاعر ثابت ٿيو. رضوي خاندان جي عظيم المرتبت شخصيت، مصري شاھہ جي والد جي نسب جو سلسلو ستين پيڙهيءَ ۾ سيد هاشم سان ملي ٿو، جيڪو تحفة الڪرام جي لکئي موجب نصرپور ۾ اچي آباد ٿيو، ۽ هتي جي رضوي ساداتن جو ڏاڏو بزرگوار هو. وڏو مشائخ ۽ ولي اڪمل ٿي گذريو آهي.
سيد مصري شاھہ کي ’سنڌي ڪافيءَ جو امام‘ ۽ ’سنڌي ڪافيءَ جو بادشاھہ‘ بہ سڏيو وڃي ٿو. هن صوفي شاعر کي، ننڍي هوندي ئي يتيميءَ جو داغ نصيب ٿيو. هو اڃا ننڍو ئي هو تہ سندس والد گذري ويو، ان ڪري سندس تعليم ۽ تربيت، وڏي ڀاءُ فتح شاھہ جي نظر هيٺ ٿي. مصري شاھہ ننڍي هوندي کان هڪ ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو، پر سمورن ﷲ وارن بزرگن وانگر هن کي دنيوي تعليم ڪشش نہ ڪئي. پوءِ بہ ابتدائي تعيلم طور پاڙي جي هڪ لائق ۽ حليم استاد، گل محمد ’گل‘ جي مڪتب ۾، سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جا ابتدائي درس ورتائين. پوءِ ’ڪتاب فطرت‘ ئي هن جي مطالعي هيٺ رهيو. کيس ديوان حافظ، مثنوي مولانا روم ۽ ڪليات سعدي شيرازيءَ تي ڪافي عبور حاصل هو. عربي لغت ’قاموس‘ تي بہ کيس عبور حاصل هو. ديوان حافظ، مثنوي مولانا روم ۽ شاھہ جو رسالو، سڄي زندگي، سندس سفر ۽ حضر جا ساٿي رهيا.
مصري شاھہ امام، قد جو پورو پنو، موڪري ڇاتي، گول منهن، ڪتابي چهري، وڏين مخموريل اکين، جاڙن ڀرن ۽ ڪڻڪائين رنگ جو خوبصورت انسان هو. مُٺ برابر ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار ٻٽونئا رکندو هو. ڪلهي تي اڪثر ڪاري ڪفني اوڍيندو هو. اڪثر مٿي اگهاڙو رهندو هو. شاھہ لطيف جي هن بيت جو هوبهو نمونو هوندو هو:
ڪُلهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو،
منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾.
مصري شاھہ امام جو جهڙو نالو مصري هو، تهڙو ئي سندس مزاج مصريءَ جهڙو مٺو ۽ ٿڌو هوندو هو. سڄي عمر ڪنهن سان ٻاڙو نہ ٻوليائين، استادن سان ادب ۽ احترام سان ملندو هو. نوڙت ۽ نياز جو مجسمو هو. پاڻ کي ڪڏهن بہ مصري شاھہ نہ ڪوٺيائين. بلڪ ’مصري‘ سڏائيندو هو. پاڻ کي ’ٻانهيءَ جو ٻار‘ سڏيندو هو. سندس بيٺڪ نُک (تڏي) تي ٿيندي هئي. سادو کائيندو، ۽ سادو هنڍائيندو هو. ٻاجهر جي ماني، ڏڌ، ساڳ ۽ کير سندس پسنديدہ غذا هئي. ڪاري نير ۾ ٻڏل ڪپڙي جي الفي سندس عام پوشاڪ هئي. اوائلي عمر ۾ ٻني ٻارو بہ ڪيائين.
مصري شاھہ 25-26 سالن جي عمر ۾ سفر تي نڪري ويو، گهر ڀاتين کي بہ اطلاع نہ ڏنائين. 15- 16 سالن تائين ٿرپارڪر، اجمير، جهوناڳڙھہ، جوڌپور، جئپور، ڪڇ، ابو پهاڙ، هنگلاج ۽ گرنار جا پٽ، سنياسين، جوڳين ۽ آديسين سان گذاري، 40 سالن جي عمر ۾ وطن وريو. ان وقت سندس شڪل صورت ۾ ايتري تہ تبديلي اچي وئي، جو پهرينءَ نظر ۾ سندس وڏو ڀاءُ فتح شاھہ بہ کيس سڃاڻي نہ سگهيو. دنيا چڱيءَ طرح ڏسي وائسي اچڻ کانپوءِ، شاھہ صاحب پنھنجي اوتاري جي ڪنڊ ۾، راڳ ويراڳ ۽ شاعريءَ ۾ مشغول رهيو.
سندس معمول هوندو هو تہ وڏي اسر جو اُٿي، شاھہ محمود جي درگاھہ جي حاضري ڀري، اوطاق تي چونڪي ڏيندو هو، جتي اڪثر قادر ڏنو شاھہ، پرتو، جيئندو، يعقوب حجام، ڪامل، حاجي ۽ ڇتو شيدي ۽ ٻيا ڪيترا ڳائڻا ايندا هئا ۽ مصري شاھہ سان سُنگ ۾ گڏجي ڳائيندا هئا. مصري شاھہ، ڳائڻن کي چڱيءَ ريت ڪلام ياد ڪرائي، سُر سيکاري، پوءِ آلاپ جي اجازت ڏيندو هو. عام ساز، دلو ۽ يڪتارو هوندا هئا. مصري شاه جو ڀاڻيجو قادر ڏنو شاھہ سُر گائڪيءَ جي فن جو وڏو ماهر هو ۽ ساڻس ستار کڻي ويهندو هو. فجر جي نماز کانپوءِ اوتاري ۾ ڪچهري ٿيندي هئي، جنهن ۾ ڪٿان ڪٿان جا ڳائڻا اچي پهچندا هئا. شاھہ صاحب راڳداريءَ جو وڏو ڄاڻو هو.
مصري شاھہ ڪچهريءَ ۾ جلالي عالم ۾ ڪلام چوندو هو، جيڪو بروقت سندس ڀاڻيجو قادر ڏنو شاھہ ۽ ماستر قاضي عبدالرحيم قلمبند ڪندا ويندا هئا. قاضي عبدالرحيم، شعر گوئيءَ ۾ مصري شاھہ جو شاگرد هو. قادر ڏني شاھہ ۽ قاضي صاحب جي غير حاضريءَ ۾ درگاھہ جا فقير، مصري شاھہ جو ڪلام ياد ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪو بعد ۾ ٻئي صاحب لکي ڇڏيندا هئا. ٽنڊي الهيار ۾ ڪلام چوڻ مھل حاجي جمعي پاٽوليءَ جو پٽ حافظ محمد لکندو ويندو هو، جيڪو بعد ۾ قادر ڏنو شاھہ بياض ۾ لکي ڇڏيندو هو. مصري شاھہ خوش نصيب شاعر هو، جنهن کي حاضريءَ جا ڪاتب ملي ويا ۽ ائين سندس سمورو ڪلام محفوظ ٿي ويو. هڪ روايت آهي تہ مصري شاھہ پنھنجي ڪلام جو هڪ نسخو، اوتاري واريءَ کوهيءَ ۾ اڇلارائي ڇڏيو هو، پر اها روايت، اڪثر قديم شاعرن بابت مشھور روايتن جو هڪ سلسلو آهي.
شام جو محفل سماع ٿيندي هئي، جنهن ۾ مختلف فنڪار شاھہ عنات رضوي، شاھہ نورالله، لطيف سائين، سچل سرمست ۽ مصري شاھہ جا ڪلام ڳائيندا هئا.
مصري شاھہ سڄي ڄمار ’مجرد‘ ٿي رهيو ۽ شادي نہ ڪيائين. سندس زمين جو مختيار، خليفو لونگ گجر، زمين جي پيدائش کڻي ايندو هو، پر هن ساڻس زندگيءَ ڀر حساب ڪتاب نہ ڪيو، جيڪي کيس ملندو هو، وٺي رکندو هو.
مصري شاھہ ’سخي‘ مرد بہ واھہ جو هو. جهوڪ جي درگاھہ تي بہ ويندو هو ۽ اڪثر استغراق ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري رکيل شاھہ ڀاڳناڙيءَ وارو ۽ ٻيا سندس مٿان وڃي بيٺا، پر هو مستيءَ ۾ غرق هو، رکيل شاھہ هڪه ڪلام چيو، جنهن تي ڪنڌ مٿي کنيائين تہ سندس اکين مان نار وهي رهيا هئا. ٽنڊي الهيار جي پير محمد زمان شاھہ جي درگاھہ تي هر سومر رات حاضري ڀرڻ ويندو هو. عمر جي آخري حصي ۾ سيد زمان شاھہ جي درگاھہ تي هڪ ٻہ ڀيرو ويندو هو. 1900ع ۾ سنڌ ۾ وڏي وبا پيئي، جنهن جو نصرپور شھر تي بہ اثر پيو، پر مصري شاھہ، خاندان سميت شھر نہ ڇڏيو.
مصري شاھہ 4 ۽ 5 صفر 1335ھہ مطابق 1906ع جي وچ واري رات، اڌ رات اوچتو بيمار ٿيا. انهيءَ مهل، زندگيءَ جي آخري ڪافي چيائين:
اُڏر ڏاگها جيئن ڏينهن نہ اُڀري،
پنڌ پرانهون، منزل ڏور!
۽ پوءِ دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. سندس جسم خاڪي، شاھہ محمود جي درگاھہ جي اتر طرف مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو. سندس آخري آرام گاھہ تي جوڌپور جي مريدن ڳاڙهو پٿر آڻي مزار مٿان ڇٽي اڏائي هئي. هر سال مصري شاھہ جو ميلو 5 صفر تي نصرپور ۾ وڏي احترام سان ملهايو ويندو آهي.
مصري شاھہ جو ذڪر ’مائي ليلان‘ جي احوال کان سواءِ مڪمل نہ ٿو ٿي سگهي. مائي صاحبہ سڄي زندگي، مصري شاھہ سان سفر ۽ حضر ۾ گڏ رهي. هوءَ هڪ ماهر رقاصہ هئي، حيدرآباد جي ماڙيچن مان هئي. سندس مائٽ کيس ننڍي هوندي مصري سائينءَ جي خدمت ۾ ڇڏي ويا هئا. هوءَ شڪل صورت جي سھڻي ۽ ڳائڻ جي نهايت ملوڪ هئي. مصري شاھہ جي حاضريءَ ۾ ڳائيندي هئي ۽ اک هميشہ مرشد ۾ کتل هوندي هئس. فضيلت ڀري، باادب ۽ ڪم گو عورت هئي. ڪلام فقط مصري شاھہ جو ڳائيندي هئي. مصري شاھہ کيس ’مائي‘ سڏيندو هو. وچ ۾ ڪجهہ وقت لاءِ مائٽن وٽ وئي، پر ڪنهن بيماريءَ ۾ سندس سَنڌ سُڪي ويا ۽ وري کڻائي کيس مصري شاھہ جي اوتاري تي ڇڏي ويا. جتي هوءَ چاڪ چوبند ٿي وئي. بُولي نالي هڪ پٽ هئس، جنهن مرشد بابت هيٺيون شعر چيو:
سائين سدائين هجين نصرپور ۾ نر،
ڏسي تو ڏاتار کي، کامي مرن کر . . .
مائي ليلان مصري شاھہ جي انتقال وقت بہ موجود هئي، ۽ پوءِ بہ هڪ سال تائين اوتاري تي مجاور بڻجي ويٺي رهي. آخر اُتي ئي وفات ڪيائين ۽ مرشد جي پيرانديءَ کان دفن ٿي.
مصري شاھہ امام جي ڪلام ۾ خودي کائڻ ۽ عجز نياز جو پيغام آهي. ٻين صوفي شاعرن وانگر مصري شاھہ بہ اهو سنيهو ڏنو آهي، جيڪو اڳ ۾ شاھہ عنات رضوي، شاھہ لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين ڏنو. مصري شاھہ جي ڪلام جو مرڪزي نقطو ساڳيو آهي.
مصري شاھہ جو ڪلام، بي خبر انسان لاءِ سجاڳيءَ جو سڏ آهي.
جاڳ ڏي جيءَ کي جفا، گينوار غفلت کي ڇڏي،
رات ويئي اپٽڻ اکيون تو کي نڀاڳا ننڊ نہ ڏي.
ڇڏ هئڻ هستي اٿئي، ڀُتل ڀت جو ڀروسو،
نانهن آهين، نانهن ٿي ويھہ، نانهن ۾ نجهرو اڏي!
مصري شاھہ جي ڪلام ۾ سموريون شاعراڻيون خوبيون موجود آهن. سندس بيت، ڏوهيڙا، وايون ۽ ڪافيون، ڇند ۽ گائن وديا جي متن تي ٺهيل آهن. سندس ڪافيون ۽ غزل علم عروض جي قاعدن تي بہ چيل آهن، پر غزلن ۾ بہ ۾ ڪافي رنگ موجود آهي. سندس ڪلام ۾ لاثاني تشبيهون، استعارا، ڪنايا، تجنيس حرفي ۽ ٻيون شعري صنعتون موجود آهن.
مصري شاھہ جو ڪلام پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ کيس تاريخ جي بہ وڏي ڄاڻ هئي. سندس ڪلام راڳن ۽ راڻين تي ٻَڌل آهي. سندس هندي ڪافيون تہ ڪمال جون آهن.
سندس ڪلام جا ڪجهہ مثال نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
اکيون ازخود اچي اڙيون، ڪري سامان سڪ وارا،
جادوگر يار جاڳايون، سڏي سيني سڄڻ لايون،
مصري محبت مارايون، پين قابو ڪمند ڪڙيون.
چلڻ جا سڀ چُڪن چارا.
(ڪافي)
-
ذات نسورو نور، آيو سانگ ڍڪي صورت جو!
مصري مور ملڪ جي ماهي، وڻ ٽڻ ۾ ڏس وحدت وائي،
هرجا هوت حضور، حملو هُل عجب حيرت جو!
(ڪافي)
مُرلي سي مجهہ موھہ ڪي، جوڳي جان ليگيو ري،
ڪس ديس سي آيو!
ڪانون ۾ ڪنڍل پاءِ ڪي، ڪيسر ڪا تلڪ لڳاءِ ڪي،
ڪائي الٽي بين بجاءِ ڪي، سارا شان ليگيو ري!
بن سامي آيا ستمگر، من ڪون ڪر گيا منتظر،
خَمدار خنجر مار ڪر، ڌن ڌيان ليگيو ري!
-
عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ!
-
ماڙيون ڀايان ماتام، موليٰ، ماروئڙن لئہ دل ماندي!
لا ورھہ ورهامي راتڙي!
-
پريتم مت پرديس پڌارو، رُت سانون ڪي سانوريا!
-
کنيائون کِلي نيڻ گهرا گُلابي،
ڀري ٻاجهہ نرگس، عجب نيم خوابي!
ذري سونهن يوسف کي بازار نيو،
بنا ملھہ مقيّد مزيدار ٿيو،
مصر ۾ نہ منظور ٿي ماهتابي،
برھہ تيغ ڀڙڪي، جو جلوو ڪيو،
هٽيا عرش حامل فلڪ فرش ٿيو!
نہ آيو اتي ڪو عرب جو اعرابي،
ڪيو معراج مردن، مگر مچ مچائي،
اهو راز رندي، منجهان منجهہ نہ مائي.
اٿئي محل مصري، سگهو ڪر شتابي.