
سيد معشوق علي شاهه دهلوي جو مقبرو
سيد معشوق علي شاھہ دهلوي: سيد معشوق علي شاھہ دهلوي عرف نماڻو شاھہ، شاھہ عنايت شھيد جهوڪ واري جو مريد ۽ خليفو هو. مرشد جي حڪم سان عمرڪوٽ لڳ کاروڙي جي پٽ ۾ اچي رهيو. شاھہ عنايت کي دهلي حڪومت جي مغل گورنر شھيد ڪرايو هو. تنهنڪري هي دهلي حڪومت جو باغي هو. روحل فقير ڪنڊڙيءَ وارو سندس طالب هو. ٺڪر، سانجهياڻي، واڻيا، رند ۽ ٻيون ذاتيون سندن معتقدي ۽ مريديءَ جي سلسلي ۾ شامل هيون. جوڌپور رياست جي ڪارندن، دهلي حڪومت جي جاسوسي ڪندي، نماڻي شاھہ سان گڏ سندس ساٿين ۽ شاھہ عنايت شھيد جي طالبن هر هڪ ڪمال شاھہ (هن جي درگاھہ عمرڪوٽ ۾ آهي)، صديق شاھہ (هن جي درگاھہ نماڻي شاھہ لڳ کاروڙي پٽ ۾ آهي) ۽ اسماعيل شاھہ کي شھيد ڪيو. ڪارندن جي ڪلهن تي ڪڪڙ جو بيج لڳل هو. تنهنڪري ’ڪوڪڙيا‘ مشھور ٿيا. سائين معشوق علي شاھہ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو.
سندن مقبرو سانجهياڻي واڻين ٺهرايو، جن روپوشيءَ دوران سندس وڏي خدمت ڪئي ۽ بزرگ کين دعا ڪندي چيو هو تہ ”سانجهاڻين جي سانجهي ڪا نہ ايندي“. اڄ بہ سانجهياڻي واڻيا، تمام گهڻا سکيا ستابا آهن.
شاھہ صاحب جي مقبري لڳ ڪراماتي کوھہ مشھور آهي، جتي ڇتي ڪتي جا کاڌل وهنجندا آهن ۽ سندن ويساھہ آهي تہ هو ٺيڪ ٿي ويندا. رند ذات جا فقير درگاھہ جا مجاور آهن.