سيد موزل شاھہ

سيد موزل شاھہ. سيد موزل شاھہ ولد سيد حاجن شاھہ سيتا شهر، ضلعي دادوءَ ۾ 1932ع ڌاري ڄائو. هن موسيقيءَ جي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي. هي ڪلام، قصيدا ۽ نوحا پرسوز انداز ۾ ڳائيندو هو. هن سيد حسين شاھہ جي لکيل ڊرامن ۾ ڪم بہ ڪيو، ان کانسواءِ ڊرامن ۾ پس پردہ گيت ڳائڻ ۽ هارمونيم وڄائڻ ۾ مهارت رکندو هو. هن ڳائڻ وڄائڻ جي فن ۾ ڪيترا شاگرد پڻ تيار ڪيا، جن ۾ نبن ڀٽي، آچر ڀٽي، ڇٽل ڀٽي، سيد نجيب شاھہ، وسايو مڱڻهار وغيرہ شامل آهن. سيد موزل شاھہ 1973ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سيد موزل شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو