سيد موٽيل شاھہ سبزواري: سيد موٽيل شاھہ سيوهڻ جي سبزواري سيدن مان هڪ درويش صفت، خدا ترس، سخي مرد ۽ روزي نماز جو پابند انسان هو. هميشہ نيڪيءَ جي ڪمن جي تلقين ڪندو هو، مهمان نواز بہ هو. سندس آستاني تي سدائين پيرن، فقيرن، مريدن ۽ مهمانن جون محفلون متيون پيو ن هونديون هيون. ادب سان بہ گهڻو چاھہ هوندو هيس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بہ اڪثر وٽس ايندو هو ۽ خط و ڪتابت پڻ ڪندو هو.
سيد موٽيل شاھہ لعل شھباز قلندر جو پانڌيئڙو هو، روزانو درگاھہ جي حاضري ڀريندو هو. هر مهيني جي 21 تاريخ رات جو عام خيرات ڪندو هو، جنهن کي عام طرح ايڪهين چوندا هئا. ڏينهن جو بہ خيرات ۾ کاڌو کارائيندو هو، اها روايت اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. سندس فقيري طبيعت مان ڪيترن فيض حاصل ڪيو.
سيد موٽيل شاھہ کي چار فرزند هئا، جن مان سيد عزت علي شاھہ ۽ سيد غلام حيدر شاھہ وفات ڪري ويا آهن. سيد احمد علي شاھہ حال حيات آهي، جيڪو سندس مسند جو وارث آهي. سيد ڊاڪٽر منور علي شاھہ صحت کاتي ۾ آفيسر آهي.
سـيـد مـوٽيـل شـاھہ جي وفـات جي تـاريـخ معلوم نہ ٿي سگهي آهي.