
سيد موٽڻ شاهه
سيد موٽڻ شاھہ: نامور صوفي راڳيءَ سيد موٽڻ شاھہ، ڪنگري، ضلعي خيرپور جي ڳوٺ راهوجا جي غريب گهراڻي ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان صوفياڻي ذهنيت رکندڙ هو، جنهن اڳتي هلي پنھنجي خيالن جي اظهار لاءِ صوفياڻي راڳ وارو رستو اختيار ڪيو. هن رجعت پرستيءَ واري سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي صوفياڻا ڪلام ڳايا. پنھنجي سريلي آواز سبب ٿوري ئي وقت ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي ورتي. سندس ڳايل اڪثر ڪلام سنڌي ۽ سرائڪي ۾ آهن، جڏهن تہ فارسي، عربي ۽ اردو ٻولين ۾ پڻ ڪلام ڳايا اٿس. شاھہ لطيف، سچل سرمست، بُلي شاھہ،بيدل فقير ۽ ڪيترن ئي صوفي شاعرن جي شاعري ڳائي اٿس. هن اڪثر ڪلامن جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏنيون آهن. 1998ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس ريڊيي تي متعارف ڪرايو. پاڻ شاھہ لطيف، قلندر شهباز، سچل سرمست، شاھہ عنايت شهيد، بيدل فقير سميت سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي وڏين درگاهن تي ڳايو آهي. کيس پنھنجي راڳ سبب سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حلقي ۾ تمام گهڻي عزت ملي آهي. جي. ايم. سيد هن کي گهرائي راڳ ٻڌندو هو. کيس سچل سرمست ۽ بيدل فقير سميت ٻيا بہ ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن. سندس ڳايل ڪلام ‘گهنڊ کول ديدار ڪرايو، مين آيا مُک ويکڻ’ ۽ ‘ڪَو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، مان جوئي آهيان سوئي آهيان’ سندس مقبوليت جو سبب بڻيا. موٽڻ شاھہ، دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ وڃي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. کيس چئن پٽن جو اولاد آهي. پاڻ فالج ۽ شگر جي بيماريءَ سبب ڳائڻ کان لاچار ٿي چڪو آهي ۽ ضعيفي حالت ۾ پنھنجي اباڻي ڳوٺ تائين محدود ٿي ويو آهي.