سيد ميران محمد شاھہ مير مهجور ٽکڙائي سيد حافظ حاجي حڪيم ميران محمد شاھہ جو پوٽو ۽ سيد حاجي زين العابدين شاھہ جو وڏو فرزند، سيد حاجي ميران محمد شاھہ ”مير“، ”مهجور“، 1898ع ۾ موجودہ ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم، علامہ حافظ محمد يوسف ۽ حافظ محمد هارون وٽ حاصل ڪئي اٿس. تن ڏينهن ۾ ٽکڙ ۾ لوڪل بورڊ ورنيڪيولر اسڪول قائم ٿيو هو. جتان شاھہ صاحب 4 درجا سنڌي پاس ڪري، 1910ع ۾، اعليٰ تعليم لاءِ ”سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي“ ۾ داخل ٿيو، اتان 1917ع مئٽرڪ پاس ڪري، ”ڊي. جي. ڪاليج ڪراچي“ مان، بي.اي جو امتحان پاس ڪيائين، 1924ع ۾ ايل. ايل. بي پاس ڪري، حيدرآباد جي مشھور وڪيل، سنتداس سان ڀائيوار ٿي، وڪالت ۾ مهارت حاصل ڪيائون. شاھہ صاحب جي ذهن رسا ۽ لڪل خداداد قابليت جو اندازو، سندس مدبر ناني، مرحوم عبدالحڪيم شاھہ، سندس ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ ئي پروڙي ورتو هو ۽ 1926ع ۾ جڏهن حيدرآباد ميونسپل اليڪشنون ٿيون، تڏهن عبدالحڪيم شاھہ صاحب جي ڪوشش سان ميران محمد شاھہ ڪهنه مشق اميدوارن کي پٺتي ڇڏي، پهريون نمبر آيو. سياست جي ميدان ۾ سندس هي پهريون قدم هو ۽ پهرين شانائتي ڪاميابي هئي. ساڳئي سال کيس، اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1928ع ۾ عبدالحڪيم شاھہ کيس، ”بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل“ لاءِ اميدوار بيهاريو، جنهن ۾ ڪامياب ٿيو. ساڳئي سال ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ کيس حيدرآباد لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. وري 1930ع ۾ ٻيو دفعو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، جتي سنڌ کي الڳ صوبي بنائڻ لاءِ نهايت اهم پارٽ ادا ڪيائين. سنڌ کي، جن سببن ڪري، سنڌي اڳواڻن بمبئي کان جدا ڪرڻ گهريو ٿي، انهيءَ جو مفصل رپورٽ شاھہ صاحب جو ئي لکيل آهي. 1931ع ۾ ”فيلو آف بامبئي يونيورسٽي“ ٿيو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي ۽ 1937ع ۾ سنڌ جي اليڪشن ۾، حيدرآباد تعلقي ۽ شھر مان باوجود سخت مخالفت جي نهايت شاندار ڪاميابي حاصل ٿيس. 1938ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي اسپيڪر، ڀوڄسنگهہ، جي هن دنيا مان سڌارڻ جي ڪري شاھہ صاحب کي سندس جاءِ تي اسپيڪر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي ڏھہ سال فائز رهيو. 1946ع ۾ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ ۽ مخالف ڌر جا ميمبر هڪ جيترا ٿي ويا ۽ ليگ جي شڪست يقيني پئي نظر آئي. انهيءَ نازڪ وقت ۾ شاھہ صاحب بنا ڪنهن لالچ جي پنھنجي عهدي کي ڦٽو ڪري، ليگ کي ووٽ ڏنو ۽ مسلم ليگ شڪست کان بچي ويئي. سال 1947ع جي شروع ۾، پاڪستان کان 8 مهينا اڳ شاھہ صاحب وري حيدرآباد تعلقي ۽ شھر مان بنا مقابلي، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ جلد ئي روينيو وزير ٿيو. پوءِ وزارت ۾ ڇھہ دفعا تبديليون آيون، مگر شاھہ صاحب جي لياقت کي ڏسي کيس سڀ ڪنهن وزارت ۾ کنيو ويو. پڇاڙيءَ ۾ پاڻ پي. ڊبليو. ڊي ۽ مهاجر آبادڪاريءَ جو وزير هو. 1952ع ۾ سنڌي ليڊرن جي سياسي ڪشمڪش ڪري، سنڌ سان 92 الف فقرو لڳايو ويو ۽ اسيمبلي غير معين مدت تائين ٽوڙي ويئي. پر انهيءَ فقري لڳڻ کان اڳ شاھہ صاحب وزيريءَ تان استعيفا ڏيئي ڇڏي هئي. پاڪستان گورنمينٽ سندس جهوني تجربي کي مدِ نظر رکندي کيس اسپين ۾ سفير ڪري موڪليو، جتي ٿوري ئي عرصي ۾ چڱي شھرت حاصل ڪيائين. سندس عالي دماغ جي اها ثابتي آهي، جو ٿوري ئي عرصي ۾ اسپيني ٻولي ايتري قدر سکي ويو، جو مجمع عام اڳيان هڪ دفعو اسپيني زبان ۾ تقرير بہ ڪيائين. پاڪستان گورنمينٽ ڪن سبب ڪري، اسپين ۽ ڪن ٻين سفارتخانن کي بند ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ شاھہ صاحب سفارت تان استعيفا ڏيئي واپس اپريل 1953ع ۾ پاڪستان موٽي آيو.
ان کان پوءِ شاھہ صاحب کي ”ڪراچي امپروومينٽ ٽرسٽ“ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جتي ڪراچي کي هڪ عاليشان شھر بنائڻ لاءِ سندس خدمتون قابلِ قدر آهن. سندس گهڻين ننڍين وڏين قومي خدمتن مان ”مدرسة البنات“ حيدرآباد قابلِ ذڪر آهي. انهيءَ مدرسي جو وجود شاھہ صاحب جي محنت جو نتيجو آهي. جنهن جي قائم ٿيڻ ڪري، مسلمانن جي ڇوڪرين کي حيدرآباد ۾ تعليم جي پهرين سهوليت ملي. انهيءَ ڪم ۾ سندس مددگارن مان خان بھادر محمد صديق ميمڻ جو نالو قابل ذڪر آهي. ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“، جنهن ڪيترا ادبي شھہ پارا منظرِ تي آندا، تنهن جو روح روان بہ شاھہ صاحب هو. ڀٽائيءَ جي ميلي جي تاريخ جو اهو سونو ورق آهي، جو ميران محمد شاھہ جي ئي ڪوشش ڪري، ميلي جي وقت اتي ادبي ڪانفرنسون ٿين ٿيون ۽ سنڌ جا وڏا وڏا اديب ۽ سريلا ڳائڻا، جن مان گهڻن شاھہ ڀٽائي رحه جو ڪلام تہ پڙهيو ۽ ڳايو هو، مگر ڀٽ اکين سان نہ ڏٺي هئائون، سي بہ اچيو ڀٽ ڀيڙا ٿين ٿا. شاھہ صاحب تعليم کان پوءِ پنھنجي زندگي جو سمورو عرصو سياست ۾ گذاريو. مگر ايڏين مصروفيتن هوندي بہ سنڌي علم و ادب کي نہ وساريائين. ننڍپڻ کان قلم هٿ ۾ کنيو اٿس. جيتوڻيڪ سندس تصنيف ڪيل ڪوبه ڪتاب ڇپيل ڪونهي، تڏهن بہ مختلف عنوانن تي سندس متعدد مضمون اخبارن، رسالن ۽ مجموعن ۾ شايع ٿيل موجود آهن. سندس انٽر آرٽس جي زماني وارو مضمون ”گنجي جبل جو سير“ ڪهڙي سنڌيءَ نہ پڙهيو هوندو. ان مضمون مان سندس قابليت جو پورو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سندس ٻيو مضمون ”دل جي طلب“ بہ سنڌيءَ ادب ۾ چڱو درجو رکي ٿو. ڀٽ جي ڪانفرنس تي، 1953ع ۾ سندس پڙهيل مضمون ”شاھہ جو اٺ“ ۽ ”شاھہ جا پکي“ عاليشان مضمون آهن. ”پلن جو شڪار“ ۽ ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيل مضمون ”سير الحمراء“ وغيرہ بہ اعليٰ معيار جا مضمون آهن. شعر و شاعريءَ جو ننڍپڻ کان ئي وٺي شوق هوندو هئس. پاڻ انهيءَ دور ۾ پرورش پاتي اٿس، جڏهن ٽکڙ ۾ شاعريءَ جو چرچو عام هوندو هو. گهر ۾ علامہ ”فدا“ ۽ حافظ شاھہ سندس استاد هئا. استادن جي صحبت ۾ رهي ڪافيون، غزل ۽ نظم تمام سھڻي ۽ سليس سنڌيءَ ۾ چيا اٿس. سندس ڪلام تجنيس حرفيءَ، دلڪش زبان ۽ چست محاورن سان مرصع آهي.
1898.00.00 عيسوي
سيد حاجي ميران محمد شاهه 1898ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو