سيد ميرڪ يوسف سبزواري

سيد ميرڪ يوسف سبزواري : نامور مــؤرخ ۽ تاريخـــدان سيد ميرڪ يوسف سبزواري، مير ابوالقاسم نمڪين بن ملامير سبزواريءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو. هن سنڌ جي تاريخ لکڻ جي حوالي سان اهم انقلاب آندو، جو تاريخ کي بادشاهي قصن ۽ داستانن کان آجو ڪري سنڌ جي عوامي ۽ ملڪي واقعن ۽ حالتن کي اجاگر ڪرڻ جو بنياد وڌو ۽ تاريخ ’مظهر شاھجھاني‘ لکيائين. هن مغل گورنرن جي دور ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ سنڌ جي تباهيءَ کي پنھنجي تصنيف ’مظهر شاهجهانيءَ‘ ۾ قلمبند ڪيو. يوسف سڄي عمر پنھنجي وڏي ڀاءُ وٽ سيوهڻ ۾ رهيو. هن کي مغل سلطنت طرفان جيڪو منصب مليو، اهو ڇڏي سيوهڻ ۾ گوشه نشين ٿي ويهي رهيو. سندس عمر، ڄمڻ جي هنڌ، وفات جي تاريخ ۽ سندس ٻين مصروفيتن بابت ڪابہ معلومات نہ ٿي ملي. هن خاندان جا ٻہ قبرستان موجود آهن، هڪ ’صفه صفا‘ نالي بکر ۾، ٻيو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي ’گورستان امير خاني‘ نالي سان مشھور آهي. پر انهن ٻنهي قبرستانن ۾ ميرڪ يوسف جي قبر جو ڪوبه نشان نہ ٿو ملي. انهن قبرستانن ۾ ڪيتريون ئي قبرون ڊهي پٽ ٿي چڪيون آهن تہ ڪن جا ڪتبا ضايع ٿي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو