سيد مير علي سنڌي: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏاڏن مان ٻارهين نمبر تي سيد ميرعلي شاھہ ولد سيد حيدر شاھہ هو. سيد مير علي پنھنجي والد حيدر شاھہ جي اڳين پٽن کان هرات مان پنهنجو حصو وٺي، پنھنجي چاچي شرف الدين کي ساڻ ڪري سنڌ موٽي آيو. هن هتي اچي هڪ هالا ذات مان ۽ ٻي ترڪن مان ٻہ شاديون ڪيون. پهرين زال مان کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو شرف الدين ۽ ٻي زال مان بہ هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو احمد شاھہ رکيائين. سيد شرف الدين جي اولاد کي ’شرف پوٽا‘ ۽ سيد احمد شاھہ جي اولاد کي ’ميرڻ پوٽا‘ سڏجي ٿو. مٽيارين ۾ هنن ٻنهي پاڙن وارا سيد اڄ تائين موجود آهن. شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو شرف الدين جي چوٿين پيڙهيءَ مان هو، جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو تڙ ڏاڏو هو.