سيد مير علي هراتي

سيد مير علي هراتي: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏاڏن مان چوڏهين نمبر تي سيد مير علي ولد سيد محمد شاھہ هو. سندس وڏا اصل بغداد، شيراز ۽ ترمذ ۾ رهيا هئا. سيد مير علي پهريون بزرگ هو، جنهن اچي هرات کي وسايو. سيد مير علي هراتي وڏي اثر رسوخ وارو هو. جڏهن امير تيمور 801ھہ/ 1398ع ۾ هرات تي چڙهائي ڪئي تہ مير عليءَ سندس استقبال ڪيو. امير تيمور سندس مهمانيءَ مان گهڻو خوش ٿيو ۽ روايتن مطابق هن سيد مير عليءَ جي چئن وڏن پٽن کي مختلف علائقن جي حاڪم طور مقرر ڪيو. امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت سيد مير علي ۽ سندس پنجون پٽ سيد حيدر شاھہ هندستان آيا. سيد حيدر شاھہ پيءُ کان موڪلائي سير سفر ڪندي اچي سنڌ جي شھر هالا ڪنديءَ ۾ پهتو، جنهن جو احوال ’سيد حيدر شاھہ‘ عنوان هيٺ ڏنل آهي.


لفظ سيد مير علي هراتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو