سيد مٺن شاھہ

سيد مٺن شاھہ: نامور بزرگ سيد مٺن شاھہ 1301ھہ/ 1882ع ڌاري تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ جي ڳوٺ سيد اجن شاھہ ۾ ڄائو. سندس والد سيد حافظ حيدر شاھہ پنھنجي وقت جو عالم، مفتي، قاري ۽ محدث ٿي گذريو آهي. مٺن شاھہ ابتدائي تعليم هالن ۾ آخوند ولي محمد کان حاصل ڪئي. ست سالن جو هو، جڏهن سندس والد هالن کي ڇڏي، ٽنڊي مير نور محمد ۾ اچي رهيو. هتي مٺن شاھہ، حافظ جان محمد قريشيءَ وٽان قرآن ۽ حديث جو درس حاصل ڪيو. هن کي فارسي ۽ عربيءَ تي دسترس حاصل هئي. مٺن شاھہ خلافت تحريڪ ۾ بہ سرگرم رهيو. مهاتما گانڌي ۽ مولانا شوڪت عليءَ سان دوستاڻا تعلقات هئس. ٻئي سندس گهر ۾ مهمان ٿي رهيا هئا. 1930ع ۾ مٺن شاھہ ٽنڊي مير نور محمد مان لڏي اچي حيدرآباد ۾ الھداد چنڊ جي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جتي اڄ تائين سندس فرزند رهائش پذير آهن. 5 رمضان المبارڪ 1375ھہ/ 17 اپريل 1956ع تي وفات ڪيائين. سندس فرزندن ۾ اڳوڻو سيشن جج سيد حيدر شاھہ ۽ ناميارو اديب ۽ شاعر سيد احسن الهاشمي مشھور ٿيا. مٺن شاھہ جو روضو مخدوم نوح جي درگاھہ لڳ هالن ۾ آهي.


لفظ سيد مٺن شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو