سيد نادر علي شاهه ’فراق‘
سيد نادر علي شاهه ’فراق‘: ناليواري شاعر سيد نادر علي شاهه ’فراق‘ ولد سيد حاجن حبيب شاهه جو جنم، 1935ع ڌاري ڳوٺ اڄڻ فقير، ضلعي نوابشاهه ۾ ٿيو. ديني تعليم مختلف مدرسن ۾ پرائي، عربي فاضل ٿيو ۽ سنڌي تعليم پنج درجا حاصل ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو. 1955ع ڌاري لکڻ شروع ڪيائين. سندس ادبي استادن ۾ حافظ محمد احسن چنا ۽ نواز رڪڻائي قابل ذڪر آهن.
نادر شاهه فراق پهريان ايريگيشن کاتي ۾ داروغو مقرر ٿيو، پوءِ هاءِ وي ڊويزن ۾ ورڪس چارج مستري مقرر ٿيو، جنهن بعد حڪمت طرف مائل ٿيو ۽ حڪمت جو ڌنڌو شروع ڪيائين.
سيد نادر علي شاهه ’فراق‘ جي شاعري سنڌ جي مڙني ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. هيءُ پيرسنيءَ واري حالت ۾ هوندي به سنڌ جي ڪيترن ئي ادبي مشاعرن شرڪت ڪندو رهي ٿو. سيد نادر علي شاهه فراق صحافت ۾ به پاڻ ملهايو آهي.
هيءُ ’هاري ڪاميٽي‘ ۽ ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ جو سرگرم ڪارڪن پڻ رهيو آهي، جنهن سبب ڪيترا ڀيرا جيل جون اذيتون پڻ برداشت ڪيون اٿائين. کيس هڪ وڏي ذاتي لائبرري پڻ آهي، جنهن ۾ اٽڪل ڏهه هزار سنڌي، اردو توڙي انگريزي ڪتاب موجود آهن. کيس ادبي مڃتا طور ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. هن وقت شهدادپور ۾ رهائش پذير آهي.