سيد نادر علي شاهه ’فراق‘

سيد نادر علي شاهه ’فراق‘

سيد نادر علي شاھہ فراق

سيد نادر علي شاھہ ’فراق‘: ناليواري شاعر سيد نادر علي شاھہ ’فراق‘ ولد سيد حاجن حبيب شاھہ جو جنم، 1935ع ڌاري ڳوٺ اڄڻ فقير، ضلعي نوابشاھہ ۾ ٿيو. ديني تعليم مختلف مدرسن ۾ پرائي، عربي فاضل ٿيو ۽ سنڌي تعليم پنج درجا حاصل ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو. 1955ع ڌاري لکڻ شروع ڪيائين. سندس ادبي استادن ۾ حافظ محمد احسن چنا ۽ نواز رڪڻائي قابل ذڪر آهن.
نادر شاھہ فراق پهريان ايريگيشن کاتي ۾ داروغو مقرر ٿيو، پوءِ هاءِ وي ڊويزن ۾ ورڪس چارج مستري مقرر ٿيو، جنهن بعد حڪمت طرف مائل ٿيو ۽ حڪمت جو ڌنڌو شروع ڪيائين.
سيد نادر علي شاھہ ’فراق‘ جي شاعري سنڌ جي مڙني ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. هيءُ پيرسنيءَ واري حالت ۾ هوندي بہ سنڌ جي ڪيترن ئي ادبي مشاعرن شرڪت ڪندو رهي ٿو. سيد نادر علي شاھہ فراق صحافت ۾ بہ پاڻ ملهايو آهي.
هيءُ ’هاري ڪاميٽي‘ ۽ ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ جو سرگرم ڪارڪن پڻ رهيو آهي، جنهن سبب ڪيترا ڀيرا جيل جون اذيتون پڻ برداشت ڪيون اٿائين. کيس هڪ وڏي ذاتي لائبرري پڻ آهي، جنهن ۾ اٽڪل ڏھہ هزار سنڌي، اردو توڙي انگريزي ڪتاب موجود آهن. کيس ادبي مڃتا طور ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. هن وقت شھدادپور ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ سيد نادر علي شاھہ فراقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو