سيد ناز لطيفي

سيد ناز لطيفي

سيد ناز لطيفي

سيد ناز لطيفي: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي خاندان جي فرد، شاعر، اديب ۽ سياسي اڳواڻ، ناز لطيفيءَ جو اصل نالو سيد علي بخش شاھہ ولد سيد بچل شاھہ آهي. سندس جنم 1940ع ڌاري ڀٽ شاھہ ۾ ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ سان چاھہ هو ۽ 18 سالن جي ڄمار ۾ 1958ع کان ادبـي دنيـا ۾ پيـر پاتائين. ناز لطيفي نائين درجي ۾ هو تہ ’بزم لطيف ادب‘ جو صدر بڻيو. هن ڪيترا ادبي پروگرام ڪرايا آهن. هر عيد تي مشاعرو ڪرائيندو آهي. کيس ننڍپڻ ۾ مـخـدوم طالب الموليٰ جي شـاعـريءَ متاثر ڪيو. ناز لطيفيءَ جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’ٻالڪپڻ جو ٻوڪ‘ ڇپيل آهي. سندس ڪيترا غزل سنڌ جي مشھور فنڪارن ڳايا آهن. استاد منظور علي خان جي آواز ۾ سندس لازوال غزل ’هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها‘، مستاني فقير جي آواز ۾ ’درد منهنجي جي دوا تو کان نہ ٿي‘ ۽ ٻيا غزل سنڌ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن.
ناز لطيفيءَ جو تعلق جيئن تہ شاھہ لطيف جي خاندان سان آهي، ان ڪري منجهس اهي خوبيون ملن ٿيون. ان کانسواءِ ناز لطيفي سياست سان بہ لاڳاپيل رهيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ منڍ کان شامل رهيو ۽ پ پ تعلقي هالا جو صدر ٿيو، پر پوءِ 1976ع ۾ اڳواڻن سان اختلافن ڪري هن پاڪستان مسلم ليگ (ف) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اڄ تائين ان سان لاڳاپيل آهي.
سيد ناز لطيفيءَ جا ڀٽ شاھہ شھر ۽ عوام لاءِ ٻہ دؤر سونهري رهيا. هي 1983ع ۾ چار سال ۽ ٻيو ڀيرو 1987ع ۾ ڀٽ شاھہ ٽائون ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. ان دوران هن ڪيترا ترقياتي ڪم ڪرايا، جن ۾ نوان روڊ، شاھہ جو رسالو چوڪ، تنبورو چوڪ، درگاھہ جي چاڙهيءَ تي سنڌ جا نقشا، غريب آباد ڪالوني، مولاآباد ڪالوني ۽ ٻگهيا محلي جا روڊ، شھر ۾ ڊرينيج سسٽم، قومي شاهراھہ کان شھر ۾ داخل ٿيـندڙ ’درِ مصطفيٰ‘ ۽ ’درِ مرتضيٰ‘ نالن سان تلوارن وارا بہ خوبصورت گيٽ ٺهرايائين ۽ ٽائون ڪميٽيءَ طرفان ڪيترا دڪان ٺهرائي غريب ماڻهن کي روزگار مهيا ڪيائين. ناز لطيفي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو