سيد نظام الدين شاھہ امروٽي مولانا

سيد نظام الدين شاھہ امروٽي، مولانا: مولانا سيد نظام الدين شاھہ ولد سيد صوفن شاھہ ڳوٺ ديواني، لڳ پريالوءِ، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو. سيد نظام الدين شاھہ امروٽي جي تعليم ۽ تربيت مولانا سيد تاج محمود امروٽيءَ جي نگرانيءَ هيٺ ٿي. شروع ۾ پنھنجي والد سيد صوفن شاھہ وٽ پڙهيو ۽ بعد ۾ تاج محمود جي استاد مولانا محمد قاسم امويءَ وٽ بہ پڙهيو. امروٽ شريف ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانسواءِ پاڻ مدرسہ دار الارشاد پير جهنڊي ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ وٽ بہ پڙهيو. مولانا سيد نظام الدين شاھہ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو رشتي ۾ ڀائٽيو هو. مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي وفات بعد 29 نومبر 1929ع تي درگاھہ امروٽ شريف جو پاڻ سجادہ نشين بڻيو. پاڻ طبيعت جو سادو هو، سخاوت ۽ غريب نوازيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو درگاھہ تي ڪھي آيل پانڌيئڙن جي بنا ڪنهن امتياز جي خدمت ڪندو هو. مولانا سيد نظام الدين شاھہ امروٽيءَ ٽي شاديون ڪيون، جن مان کيس مولانا سيد محمد شاھہ امروٽيءَ سميت ٽن نياڻين جو اولاد پڻ ٿيو. هن پنھنجي سڄي ڄمار دين جي خدمت ۽ سنت نبوي جي پيرويءَ ۾ گذاري.


هن صفحي کي شيئر ڪريو