سيد نظر حسين شاه نقوي: سيد نظر حسين ولد هادي بخش شاھہ نقوي، هنڱورجه جي سيد غلام شاه غازي درگاھہ جو چشم چراغ هو. سندس ڏاڏو سيد غلام شاه غازي، صوفي شاعر، اصل ‘هٽڙي’، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻِ جو ويٺل هو. اڄ بہ اها ‘هٽڙي غلام شاھہ’ جي نالي سان مشھور آهي. هزهائينس مير علي مراد خان ٽالپر، سيد غلام شاھہ کي لڏائي هنڱورجا ۾ رهايو. هي سيد خاندان، شاعري ۽ ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي حوالي سان مشھور رهيو آهي. سيد نظر حسين شاھہ 1922ع ڌاري ڄائو. سندس والد برصغير جي ناليواري گويي، شام چوراسي گهراڻي جي استاد عاشق علي خان جو شاگرد هو. سيد نظر حسين پروفيشنل ڳائڪ ڪونه هو. 1983ع ۾سندن وڏي پٽ سيد غلام اصغر شاھہ جي اسرار تي لاهور ويا ۽ استاد عاشق علي خان جي خاڪ تي حاضري ڏني تہ اتان جي ماڻهن کيس زور ڀريو تہ اوهان اسان کي ڪي اسم ٻڌايو تہ جيئن اوهان جي خانداني انگ مان اسان بہ محظوظ ٿي سگهون. هن لاهور ۾ الحمرا هال ۾ ڪجهہ ڪلاسيڪل ۽ سنڌي ڪافيون ٻڌايون، جيڪي محفوظ ٿي سگهيون آهن، تن جو تفصيل هن طرح آهي: شاھہ لطيف جو ڪلام: ساجن آ تو ساڻ، ووڙين ڇو وڻڪار ۾ قادر بخش بيدل جو ڪلام: عشق دا اعلى شان، مشڪل سگهدي سمجهہ سياڻي ڪلاسيڪل اسم: راڳ درٻاري، آساوري ٺاٺ مان ڪلاسيڪل اسم: راڳ بهاڳ، بلال ٺاٺ مان ٻڍل فقير جو ڪلام: ڏاڍو عشق عجب رنگ لايو تو غلام شاه غازيءَ جو ڪلام: واه واه تماشا دم دم دا غلام شاه غازيءَ جو ڪلام: پڇ عشق دي خبر امام ڪنون پيشي جي لحاظ کان نظر حسين شاھہ درس و تدريس سان وابستہ رهندي پرائمري اسڪول هنڱورجا ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن 1997ع ۾ وفات ڪيائين.