سيد نظر علي شاھہ ’گدائي‘: ناليوارو بزرگ ۽ عالم سيد نظر علي شاھہ ولد عنايت شاھہ، 11 جون 1891ع تي قمبر شھر ۾ جنم ورتو. سنڌي چوٿين درجي تائين قمبر ۾ پڙهيو. انگريزي مدرسة الاسلام لاڙڪاڻي ۾ پڙهڻ ويٺو، پر والد جي وفات سبب پڙهائي اڌ ۾ ڇڏيائين ۽ والد بزرگوار جي خانقاھہ سنڀالڻ لڳو. سندس ذهن ڪشادو هو ۽ علم سان وڏو چاھہ رکندو هو. مدرسي جي تعليم ترڪ ڪري خانقاھہ ۽ زمينداري سنڀالڻ لڳو، جنهنڪري روايتي تعليم پرائي نہ سگهيو، تڏهن بہ علمي اڃ کيس ويهڻ نہ ڏنو ۽ شخصي طور زمانه گشتيءَ ۽ مطالعي مان ديني علم خواه دنيوي تعليم تي ملڪو حاصل ڪيائين. علائقي واسين کي اخلاقي، ديني اصلاح بابت خطبا ڏيندو هو. ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو تہ ان جو وهنوار پڻ احسن طريقي سان هلايائين. ان دوران هن جا ڪيل عام ڀلائيءَ جا ڪم اڄ بہ عام ماڻهن جي زبان تي آهن. ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي رهيو. خلافت تحريڪ ۾ بہ ڀرپور حصو ورتائين. جامع مسجد قنبر جو خطيب بہ رهيو، خاص طور جمعي جي ڏينهن عام و خاص سندس خطبو ٻُڌڻ ايندا هئا. اڪثر گهر ۾ لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو ۽ زمين جي سنڀال ڪندو هو. وڏائي يا پاڻ پڻو سندس طبيعت ۾ شامل نہ هئا. هن پنھنجي حياتيءَ ۾ ٽي دستخطي ڪتاب: (1) ’مرڻ بعد حياتي‘ (مرڻ بعد زندھہ ٿيڻ واري اسـلامـي عـقيـدي کي سـائـنـسي دليـلـن سان ثابت ڪرڻ متعلق لکيل)، (2) ’ديوان گدائي‘ (150 شعرن تي مشتمل شاعريءَ جو مجموعو، ۽
(3) ’عربي خطبو شريف‘ (سنڌي ترجمو) لکيا. آخري ڪتاب ۾ سـيـد نظر علي شاھہ ٻارهن مهينن جا خطبا، نڪاح خواني، عيدن وغيرہ جا خطبا سنڌي ترجمو ڪري هٿ سان ڪتابي صورت ۾ جمع ڪيا، جن لاءِ عرب توڙي لاهور مان سندون حاصل ڪيائين.
سيد نظر علي شاھہ، 14 آگسٽ 1952ع تي 63 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ قنبر ۾ آهي.
1891.06.11 عيسوي
ناليوارو بزرگ ۽ عالم سيد نظر علي شاهه ولد عنايت شاهه، 11 جون 1891ع تي قمبر شهر ۾ جنم ورتو.
1952.08.14 عيسوي
سيد نظر علي شاهه، 14 آگسٽ 1952ع تي 63 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه قنبر ۾ آهي.